Book Name:Aik Zamana Aisa Aaey Ga

مٿانهين طبقي تي انهن جا ٺڪاڻا هوندا۔ اچو انهيءَ سلسلي ۾ 4 فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ملاحظه فرمايو۔ جيئن

رضاءِ الٰهي جي لاءِ محبّت ڪرڻ وارن جي جزا

)1( فرمايائون: جيڪو ڪنهن سان الله پاڪ جي (رضا) لاءِ محبّت رکي، الله پاڪ جي لاءِ دشمني رکي ۽ الله پاڪ جي لاءِ ڏئي ۽ الله پاڪ جي لاءِ منع ڪري، ان پنهنجو ايمان ڪامل ڪري ڇڏيو۔

                                                 (ابو داود،ڪتاب السنة،باب الدليل علي زيادة…الخ،۴/۲۹۰،حديث: ۴۶۸۱)

)2( فرمايائون: ٻن شخصن الله پاڪ جي لاءِ پاڻ ۾ محبت ڪئي ۽ هڪ اوڀر ۾ آهي، ٻيو اولھ ۾، قيامت جي ڏينهن الله پاڪ ٻنهي کي گڏ ڪندو ۽ فرمائيندو: ”هي ئي (اهو) ماڻهو آهي جنهن سان تو منهنجي لاءِ محبّت ڪئي هئي۔“                   ( شعب الايمان،باب في مقاربة...الخ،فصل في المصافحة...الخ،۶/۴۹۲، حديث:۹۰۲۲)

)3( فرمايائون: الله پاڪ جي لاءِ محبت رکڻ وارا عرش جي چوڌاري ياقوت جي ڪرسي تي هوندا۔    (معجم ڪبير،سليمان بن عطاء …الخ،۴/۱۵۰، حديث:۳۹۷۳ (

)4( فرمايائون: جنّت ۾ ياقوت جا ٿنڀ آهن انهن تي زبرجد جا محل آهن، اهي اهڙا ته روشن آهن جيئن چمڪندڙ تارا۔ ماڻهن عرض ڪيو؛ ”يا رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! انهن ۾ ڪير رهندو؟“ فرمايائون؛ ”اهي ماڻهو جيڪي الله پاڪ جي لاءِ پاڻ ۾ محبت رکندا آهن، هڪ جاءِ تي ويهندا آهن ۽ پاڻ ۾ ملندا آهن۔“(شعب الايمان،باب في مقاربة...الخ،فصل في المصافحة...الخ،۶/۴۸۷،حديث:۹۰۰۲)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته جيڪي خوش قسمت ماڻهو الله پاڪ جي خاطر هڪ ٻئي سان محبّت رکن ٿا، الله پاڪ سڀاڻي قيامت جي ڏينهن انهن کي ڪهڙا ڪهڙا انعام عطا فرمائيندو پر افسوس! اڄڪلھ اسان جي معاشري ۾ مفاد پرستي ايتري قدر ته عام ٿي چڪي آهي جو دنياوي معاملات هڪ پاسي،