Book Name:Aik Zamana Aisa Aaey Ga

اخلاص سان قبول ٿيندو آهي۔ انهيءَ ۾ اهي به داخل آهن جيڪي ماڻهن سان ظاهري محبت ڪندا ۽ اها به غرض جي لاءِ، جڏهن غرض نڪري ويندو ته دوستي به ختم ٿي ويندي۔“   (مرآةالمناجيح،۷/۱۴۰-۱۴۱)

اچو! بارگاھ رِسالت ۾ فرياد ڪريون ٿا:

خُوب مُخْلِص بنوں، میں رِیا سے بچوں                                   ہو نگاہِ کرم، تاجدارِ حرم

منهنجي لاءِ ڪهڙو عمل ڪيو؟

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو مسلمان جو هر ڪم الله پاڪ جي رضا جي لاءِ هئڻ گھرجي، ايستائين جو جيڪڏهن ڪنهن سان دوستي رکي ته به الله پاڪ جي رضا خاطر ۽ دشمني رکي ته به الله پاڪ جي رضا جي لاءِ۔ جيئن

مروي آهي ته الله پاڪ هڪ نبي وٽ وحي موڪلي ته فلاڻي زاهد (پرهيزگار) کي چئو ته تنهنجو زهد ۽ دنيا کان بي رغبتي پنهنجي نفس جي راحت آهي ۽ سڀ کان جدا ٿي ڪري مون سان تعلق رکڻ اها تنهنجي عزّت آهي، جيڪو توتي منهنجو حق آهي ان جي بدلي ۾ تو ڪهڙو عمل ڪيو؟ عرض ڪيائين؛ ”اي منهنجا ڪريم ربّ! اهو ڪهڙو عمل آهي؟“ ارشاد فرمايائون؛ ”ڇا تو منهنجي ڪري ڪنهن سان دشمني ڪئي ۽ منهنجي باري ۾ ڪنهن ولي سان دوستي ڪئي؟“  (حلية الاولياء،طبقات اھل المشرق،ذڪر جماعة من اعلام البغداديين،۱۰/۳۳۷ ،حديث:۱۵۳۸۴) 

اسان کي به گھرجي ته دوستي ۽ دشمني، محبت ۽ نفرت ۽ بلڪ هر قسم جي جائز تعلقات ۾ رضاءِ الٰهي کي پيش نظر رکون جيڪي خوشنصيب الله پاڪ جي لاءِ هڪ ٻئي سان دوستي رکندا آهن، انهن کي مبارڪ هجي ته اهڙا ماڻهو حديث جي حڪم مطابق ڪامل ايمان وارا آهن ۽ الله پاڪ انهن کي قيامت واري ڏينهن هڪ هنڌ گڏ ڪندو پڻ اهي خوشنصيب عرش جي چوڌاري ياقوت جي ڪرسين تي ويهندا ۽ جنّت ۾ ياقوت جي ٿنڀن تي مشتمل زبرجد جي