Book Name:Aik Zamana Aisa Aaey Ga

صَداءِ مدينه جي بَرَڪت سان فَيضانِ مدينه جي لاءِ زمين ملي

هڪ اسلامي ڀاءُ عاشِقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دَعوَتِ اِسلَامي جي مَدَني قافِلي سان گڏ هڪ شهر ۾ ويا، اَذانِ فَجر کان پوءِ اهي صداءِ مدينه لڳائيندي وڃي رهيا ها ته اوچتو هڪ گھر مان هڪ ماڊرن نوجوان انهن سان شامِل ٿيو ۽ ان فَجر جي نَماز مَسجِد ۾ باجَمَاعَت ادا ڪئي۔ بعد ۾ ان نوجوان جو والِد مَدَني قافِلي وارن عاشِقانِ رسول سان ملڻ آيو۔ جيڪو هڪ مالدار شخص هو۔ اُن اچي ٻڌايو ته صداءِ مدينه جي بَرَڪت سان ان جو نافرمان ماڊرن (Modern) بي نَمازي پٽ پَنج وَقته نَماز پڙھڻ لڳو آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ان ماڊرن نوجوان جي والِد ان شهر ۾ مَدَني مَرڪز فَيضانِ مدينه جي لاءِ زمين به ڏئي ڇڏي۔

لگا فَجْر میں بھائی گھر گھر پہ جاکر                                               ذرا دل لگا کر ’’صدائے مدینہ‘‘

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                                                      صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

                   مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ايندڙ زماني ۾ ظاهر ٿيندڙ فتنن جي باري ۾ هڪ حديث شريف ۾ اهو مضمون به موجود آهي جو زهد و تقويٰ روايتي ۽ بناوٽي بڻجي ويندو، جهڙي ريت

زُهد ۽ تقويٰ روايتي ۽ بناوٽي هوندو

اسان جي پياري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو؛ قيامت قائم نه ٿيندي ايتري قدر جو زهد روايتي ۽ تقويٰ بناوٽي بڻجي ويندو۔

                                                     (حلية الاولياء،حسان بن ابي سنان، ۳/۱۴۱،حديث:۳۴۷۳)

                   علّامه عبدالرؤف مناوي رَحْمَة اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه انهيءَ حديث جي شرح ۾ فرمائن ٿا؛ ”قصه ٻڌائيندڙ ۽ وعظ ڪندڙ وانگر ماڻهو صالحن جي زهد و تقويٰ جون روايتون هڪ ٻئي کي ٻڌائي ٻڌائي روئندا ۽ اهڙيون زباني ڪلامي ڳالهيون