Book Name:Aik Zamana Aisa Aaey Ga

پنهنجي ظاهري حياتي ۾ فتنن جي دَور جي هولناڪين جي باري ۾ فڪر مند رهندا هئا، آزمائشن، پريشانين ۽ فتنن جي هن هولناڪ زماني ۾ منهنجي اُمّت ڪٿي حق واري واٽ تان ڀٽڪي نه وڃي، اڄ انهيءَ اُمّت جا ماڻهو انهن فتنن ۾ پئجي پنهنجن ئي هٿن سان دِين ۽ ديانت، حق ۽ اَمانت ۽ باهمي مَحَبَّت و شَرافت جو سر عام قَتلِ عام ڪري رهيا آهن۔ تنهنڪري حالات هن ڳالھ جي تقاضا ڪري رهيا آهن ته هر طبقي سان تَعَلُّق رکندڙ مسلمانن تائين نبي غيب دان، مڪي مدني سُلطان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا اهي اِرشاداتِ عالي شان پهچايا وڃن، جن ۾ پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ الله ڪريم جي عطا ڪيل عِلمِ غَيب جي ذريعي 14 سو سال پهريان ئي موجوده ۽ آئنده دور جي فِتنن جي پيشن گوئي ڪندي اسان کي انهن جي ڀڙڪندڙ باھ مان اٿڻ وارن شُعلن کان پنهنجو دامن بچائڻ جي ترغيب ڏياري آهي۔ اچو! هن باري ۾ ڪجھ اَحاديثِ مبارَڪه ۽ ان مان حاصِل ٿيڻ واري نصيحت جا مَدَني گل گڏ ڪريون ٿا، جيئن

گھر وارن جي هٿان هلاڪت

غَيب ڄاڻڻ وارا آقا، مڪي مدني مُصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ عبرت نشان آهي: ماڻهن تي هڪ زمانو اهڙو ايندو جو ان شخص جي علاوه ڪنهن جو دِين محفوظ نه رهندو، جيڪي پنهنجي دِين کي کڻي (يعني ان جي حفاظت جي خاطر) هڪ جبل کان ٻئي جبل ۽ هڪ غار کان ٻئي غار ڏانهن ڀڄي۔ ان وقت معيشت (روزي وغيره) جو حصول الله پاڪ کي ناراض ڪرڻ بغير نه ٿيندو۔ جڏهن اها صُورتِ حال هوندي ته انسان پنهنجي ٻارن ٻچن هٿان هلاڪت ۾ پئجي ويندو، جيڪڏهن ٻار ٻچا نه هوندا ته والدين جي هٿان ان جي هلاڪت ٿيندي ۽ جيڪڏهن والدين به نه هجن ته ان جي هلاڪت رشتيدارن يا پاڙيسرين جي هٿان ٿيندي۔“ صحابَه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان عرض ڪيو: يارَسُولَ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اهو ڪئين ٿيندو؟ پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: ”اهي ان کي غُربت تي عار (شرم) ڏياريندا، ان وقت اهو پنهنجو پاڻ کي هلاڪت جي هنڌن ڏانهن وٺي ويندو.“ (الزهد الڪبير للبيهقي،الجزء الثاني،فصل في ترڪ الدنياالخ، ص۱۸۳، حديث: ۴۳۹)