Book Name:Aik Zamana Aisa Aaey Ga

ڪندا جيڪي انهن جي دلين ۾ نه هونديون۔“      (فيض القدير، ۶/۵۴۳، تحت الحديث:۹۸۵۶)

الله پاڪ سان جنگ جو اعلان ڪرڻ وارا ڪير ؟

حضرت عَدِي بِن حاتِم رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه کان روايت آهي ته رسول اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن اِرشاد فرمايو: قيامت جي ڏينهن ڪجھ ماڻهن کي جنت ۾ وٺي وڃڻ جو حڪم ٿيندو، ايتري تائين جو جڏهن اهي جنت جي ويجھو پهچي ان جي خوشبو سونگهندا ۽ اتي جا محلات ۽ جنتين لاءِ الله پاڪ جون تيار ڪيل نعمتون ڏسندا ته ندا ٿيندي؛ ”انهن کي واپس ڪيو ڇوته انهن جو جنت ۾ ڪو حصو ناهي۔“(اها ندا ٻڌي) اهي اهڙي حسرت سان موٽندا جو انهن جهڙي حسرت، انهن کان پهريان ماڻهو نه موٽيا هوندا۔ پوءِ اهي عرض ڪندا؛ ”اي ڪريم ربّ! جيڪڏهن تون انهن نعمتن ڏيکارڻ کان پهريان ئي اسان کي جهنم ۾ داخل ڪرين ها ته اهو اسان تي آسان هجي ها۔“ ته الله پاڪ ارشاد فرمائيندو؛ مون ارادةً توهان سان ائين ڪيو آهي (۽ ان جو سبب هي آهي ته) جڏهن توهان اڪيلائي ۾ هوندا هيؤ ته وڏا وڏا گناهه ڪري مون سان جنگ جو اعلان ڪندا هيؤ ۽ وري جڏهن ماڻهن سان ملندا هيؤ ته عاجزي نوڙت سان ملندا هيؤ، توهان ماڻهن کي پنهنجي اها حالت ڏيکاريندا هيؤ جيڪا توهان جي دلين ۾ منهنجي لاءِ نه هوندي هئي، توهان ماڻهن کان ڊڄندا هيؤ ۽ مون کان نه ڊڄندا هيؤ، ماڻهن جي عزّت ڪندا هيؤ ۽ منهنجي عزّت نه ڪندا هيؤ ، ماڻهن جي لاءِ برو ڪم ڇڏي ڏيندا هيؤ پر منهنجي لاءِ برائي نه ڇڏيندا هيؤ، اڄ مان توهان کي پنهنجي ثواب کان محروم ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجي عذاب جو به مزو چکائيندس۔“(معجم اوسط، باب الميم،۴/۱۳۵-۱۳۶، حديث: ۵۴۷۸)

 

تُو ڈراپنا عنایت کر رہیں اس ڈر سے آنکھیں تر مٹا خوفِ جہاں دل سے مٹا دنیا کا غم مولیٰ

تُو بس رہنا سدا راضی، نہیں ہے تابِ ناراضی     تُو نا خوش جس سے ہو برباد ہے تیری قسم مولیٰ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد