Book Name:Aik Zamana Aisa Aaey Ga

لولاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: يَاْتِى عَلَى النَّاسِ زَمَانٌ،لاَ يُبَالِى الْمَرْءُ مَا اَخَذَ مِنْهُ اَمِنَ الْحَلاَلِ اَمْ مِنَ الْحَرَام يعني ماڻهن تي هڪ زمانو اهڙو ايندو جو ماڻهو کي هن ڳالھ جي ڪا پروا نه هوندي ته ان (مال) ڪٿان حاصل ڪيو؟ حرام مان يا حلال مان۔

(بخاری، کتاب البیوع، باب من لم یبالی من حیثالخ، ۲/۷، حدیث: ۲۰۵۹ )

حڪيم الاُمَّت مفتي احمد يار خانرَحْمَة اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه هن حديث جي شرح ۾ فرمائن ٿا: ”يعني آخري زماني ۾ ماڻهو دِين کان بي پروا ٿي ويندا، پيٽ جي فڪر ۾ هر طرح ڦاسي ويندا، آمدني وڌائڻ، مال گڏ ڪرڻ جي فڪر ڪندا، هر حرام وحلال وٺڻ تي دلير ٿي ويندا جيئن اڄڪلھ عام آهي۔“ (مراٰۃالمناجیح،۴/۲۲۹)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ياد رکو! جن اهل وعيال جي لاءِ اسان ڏينهن رات ڪمايون ٿا، اهي سڀاڻي قيامت جي ڏينهن اسان جي رُسوائي جو سبب بڻجي سگھن ٿا، توڙي جو ماءُ پيءُ گھرواريءَ ٻارن ۽ قَرابتدارن جي حُقُوق جي ادائيگي يقيناً اسان جي ئي ذميداري آهي، پر جيڪڏهن اسان انهن جون خواهشون پُوريون ڪرڻ ۽ انهن جي طعنن کان بچڻ جي لاءِ حرام ۽ حلال جي پروا ڪرڻ بغير مال و دولت گڏ ڪندا رهياسين، مشڪل وقت ۾ انهن کي صبرو شڪر، توڪل وقناعت جو ذهن نه ڏنو ۽ حلال وحرام جي تميز نه سيکاري ته ٿي سگھي ٿو ته سڀاڻي قيامت جي ڏينهن اهي ئي اسان جي خلاف بارگاھ الٰهي ۾ مُقدمو ڪن ۽ اسان جي پڪڙ ٿي وڃي، جيئن ته

بارگاهه الٰهي ۾ دعويٰ

حضرتِ سَيدُنا فقيه ابوللَّيث سَمر قندي رَحْمَة اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه نَقل ڪن ٿا: مروي آهي ته مرد سان تعلق رکندڙن ۾ پهرين ان جي زال ۽ اولاد آهي. اهي سڀ (يعني زال ۽ ٻار قيامت ۾) الله پاڪ جي سامهون بيهي ڪري عرض ڪندا: ”اي اسان جا ڪريم رب! اسان کي هن شخص کان اسان جو حق وٺي ڏي، ڇاڪاڻ ته هن ڪڏهن اسان کي ديني معاملن جي تعليم نه ڏني ۽ هي اسان کي حرام کارائيندو هو، جنهن جي اسان کي خبر نه هئي.“ پوءِ انهيءَ شخص کي حرام