Book Name:Aik Zamana Aisa Aaey Ga

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بَيان ڪيل حديثِ پاڪ ۾ جهڙي طرح مَردن جي لاءِ عبرت ۽ نصيحت جا مَدَني گل آهن، اتي انهن عَورَتن جي لاءِ به هن ۾ عبرت آهي، جيڪي پنهنجي مڙسن کي انهن جي آمدني تي طرح طرح جا طعنا ڏيندي ڪجھ هن طرح جا تيز تکا جملا چونديون آهن: ”اڙي ڏس! فُلاڻي وٽ ته ڪيئي ڪيئي بنگلا، فيڪٽريون ۽ جائيدادون (Properties) آهن پر اوهان مون کي ڪرائي جي ننڍڙي گھر ۾ ويهاريو آهي، منهنجو ته هتي ساھ ٿو گُھٽجي! مون کي ڪشادو گھر کپي، فُلاڻي کي ته ڏسو هو پنهنجي فيملي سان گڏ عاليشان گاڏين ۾ گُھمي ڦري ٿو پر اوهان مون کي بسن، ٽيڪسين ۽ رڪشن جا ڌڪا کارايو ٿا، فُلاڻي ته لوڊشيڊنگ کان بچڻ جي لاءِ جنريٽر ورتو آهي اوهان گھٽ مان گھٽ يو پي ايس (U.P.S) يا چارجنگ فين ئي وٺي ڏيو، فُلاڻي ته هن عِيد تي پنهنجي ٻارن جي اَمڙ کي ايترن هزارن جو لباس يا سون (Gold) جو سيٽ ٺاهرائي ڏنو آهي پر اوهان مون کي عِيد تي سون جي منڊي يا بريس ليٽ يا واليون ئي وٺي ڏيو ها، فُلاڻي ته پنهنجن ٻارن جي امڙ کي فلاڻي شاپنگ مال مان شاپنگ ڪرائي آهي تنهنڪري مون کي به ڪنهن سٺي شاپنگ مال مان شاپنگ ڪرڻي آهي۔ فُلاڻي کي ڏسو ته ڪيترو خوشحال ٿي ويو آهي، اوهان به ته ڪجھ ڪريو، فُلاڻي جي پگھار لکن ۾ آهي پر اوهان ايترو عرصو ڪم ڪرڻ کان بعد به اتي جا اتي بيٺا آهيو۔“ وغيره جڏهن ته ٻارن جون فرمائشون ان جي علاوه آهن۔ ته روز روز جڏهن اهو شخص فرمائشن ۽ طعنن کي ٻڌندو آهي ته ذِهني اَذِيت ۽ مايوسي ان کي هر پاسي کان وڪوڙي وٺندي آهي، ان کي ڪجھ سمجھ ناهي ايندو ته آخر هو ڪري ته ڇا ڪري، جيئن ته ان کي ٻارن ٻچن جون فرمائشون به پُوريون ڪرڻون هونديون آهن ان وٽ وسائل به گھٽ هوندا آهن، ان ڪري هو انهن جون اجايون فرمائشون پوري ڪرڻ جي لاءِ حرام و حلال جي پروا ڪرڻ بغير ناجائز ذريعا اختيار ڪري پنهنجي قَبر ۽ آخرت کي داءُ تي لڳائي ڇڏيندو آهي، جيئن ته

حلال و حرام جي مُعامَلي ۾ بي پرواهي

حضرت سَيدُنا ابُوهرَيره رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه کان روايت آهي ته نبي پاڪ، صاحبِ