Book Name:Aik Zamana Aisa Aaey Ga

۽ باطِن کي هڪ رکون، پنهنجي دل ۾ حقيقي خوفِ خدا پيدا ڪريون، رِيا ڪاري جي تباھ ڪارين کان پنهنجو پاڻ کي بچايون، هر عمل صِرف ۽ صِرف رِضاءِ اِلٰهي جي لاءِ ئي ڪيون ۽ اها سوچ ماڻڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته ٿي وڃون۔

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ عاشقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي تحت ڪم و پيش 104 شعبا قائم آهن، انهن مان هڪ ”مجلسِ ذرائع آمد و رفت“ به آهي، هن شعبي جو ڪم ائيرلائنز، ائير پورٽس، ريلويز، پبلڪ ٽرانسپورٽ، پرائيوٽ ٽرانسپورٽ، گُڊز اِسٽيشنز ۽ انهن سان لاڳاپيل مُختلِف اِسٽينڊز (مثال طور بس، ٽرڪ، ٽيڪسي، موٽر سائيڪل ۽ سائيڪل اسٽينڊ، تمام قسم جي ورڪشاپس، اسپئير پارٽس دوڪان وغيره) ۽ مارڪيٽن ۽ شورومن (مثال طور ڪار، رڪشه، موٽر سائيڪل، سائيڪل) سان وابسته اسلامي ڀائرن ۾ عاشقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مَدَني پيغام کي عام ڪرڻ ۽ اُنهن کي دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته ڪندي هن مَدَني مَقصَد ”مون کي پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اِصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ جي مطابق زندگي گذارڻ جو مَدَني ذِهن ڏيڻ آهي.

اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں                         اے دعوتِ اسلامی تِری دھوم مچی ہو

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! مُعاشَري (سماج) ۾ ڦهليل بُرائين مان هڪ بُرائي اها به آهي ته مسجدن ۾ ويهي دُنيا جون ڳالهيون ڪيون وينديون آهن، جڏهن ته ان جي باري ۾ حديثِ پاڪ ۾ سخت وَعِيد آئي آهي، جيئن

مسجدن ۾ دنياوي ڳالهيون ٿينديون

سَرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن اِرشاد فرمايو: هڪ زمانو اهڙو ايندو جو مسجدن ۾ دنيا جون ڳالهيون ٿينديون، توهان انهن سان گڏ نه ويهو، ڇوته الله پاڪ کي انهن