Book Name:Aik Zamana Aisa Aaey Ga

سانڪجھ ڪم ناهي۔ (شعب الايمان، باب في الصلوات، فصل المشي الي المساجد،۳/۸۶، حديث:۲۹۶۲)

حڪيمُ الاُمَّت حضرت مفتي احمد يار خان رَحْمَة اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه هن حديث پاڪ جي شرح ۾ فرمائن ٿا؛ ”يعني الله پاڪ انهن تي ڪرم نه ڪندو، نه ته ربّ ڪريم کي ڪنهن ٻانهي جي ڪا ضرورت ناهي، هو ضرورتن کان پاڪ آهي۔ (مِرآةالمناجيح،۱/۴۵۷)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! مسجد ۾ دُنياوي ڳالهيون ڪندڙ ڪيترا بد نصيب آهن جو ڪرم واري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ اُنهن جي هم نشيني ۽ صحبت اِختيار ڪرڻ کان به منع فرمايو آهي، پر بدقسمتي سان هاڻي مسجد ۾ دنيا جون ڳالهيون ڪرڻ عام ٿيندو پيو وڃي، عِلمِ دين کان دُوري جي ڪري اڄ مسجد ۾ ويهي اِنتهائي بيباڪي ۽ غيرسنجيدگي (Non-Seriousness) سان نه صِرف دُنياوي ڳالهيون ڪيون وينديون آهن بلڪ ڄاڻ اڻڄاڻ ۾ ڪيئي اهڙا ڪم ڪيا ويندا آهن جيڪي مسجد جي آداب جي خلاف هوندا آهن۔

مسجد ۾ دنياوي ڳالهيون ڪرڻ جو وبال

ياد رکو: دنيا جي ڳالهين جي لاءِ مسجد ۾ وڃي ويهڻ حرام آهي۔ مسجد ۾ دنيا جو ڪلام نيڪين کي ائين کائيندو آهي جيئن باھ ڪاٺي کي۔ اهو مُباح (جائز) ڳالهين جو حڪم آهي پوءِ جيڪڏهن ڳالهيون جيڪڏهن بُريون آهن ته ان جو وبال ڪيترو هوندو، ٻئي سَخت حرام دَر حرام، مُوجِبِ عذابِ شديد (سخت عذاب جو سبب) آهي۔ (فتاويٰ رضويه، ۸/۱۱۲)

اهو به ياد رکو ته مسجد ۾ شور ۽ شَر ڪرڻ حرام آهي ۽ دُنيوي ڳالھ جي لاءِ مسجد ۾ ويهڻ حرام، ۽ نماز جي لاءِ وڃي دُنيوي تَذڪرو مسجد ۾ مَڪرُوه ۽ وُضو ۾ بي ضرورت دُنيوي گفتگو نه ڪرڻ گھرجي، ۽ غِيبَت ڪرڻ وارن ۽ تُهمَت لڳائڻ وارن مُنافِقن مُفسِدن (خرابي پيدا ڪرڻ وارن) کي ڪڍائڻ تي قادِر هجي ته ڪڍائي ڇڏجي، جڏهن ته فِتنو نه ٿئي نه ته پاڻ انهن وٽان اٿي وڃي۔(فتاويٰ رضويه، ۸/۱۱۲)