Book Name:Aik Zamana Aisa Aaey Ga

دِين تي هلڻ وارن جي لاءِ آزمائش

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! مفتي صاحِب حديث پاڪ جي هي شرح پنهنجي دور مطابق ڪئي هئي ۽ هاڻي ته ان کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ بيباڪي ۽ بي راھ روي جو دور هلي رهيو آهي، اها ڳالھ ڪنهن کان لڪيل ناهي ته في زمانه جيڪي اسلامي ڀينرون بُرقعو پائن ٿيون، شَرعي پردو ڪن ٿيون ۽ شريعت و سُنّت مطابق زندگي گذارڻ چاهين ٿيون، انهن جي لاءِ سخت آزمائش آهي،  جيڪي اسلامي ڀائر شريعت مطابق جائز لباس پائن ٿا، پنهنجي مٿي تي عمامي شريف جو تاج سجائن ٿا، سُنّتن جا پيڪر بڻجي شريعت وسُنّت جي پابندي ڪرڻ چاهن ٿا، انهن جي لاءِ به سخت آزمائش آهي. اهي اسلامي ڀائر ديانت داري سان پنهنجي فرائض جي منصب کي ادا ڪندي وياج ۽ رِشوت جي نحوست کان بچندي رِزقِ حلال ڪمائڻ چاهين ٿا انهن جي لاءِ به سخت آزمائش آهي۔ اهي عاشقانِ رسول جيڪي شريعت جي دائري ۾ رهندي، ناجائز رسمن کان بچندي شادي جي تقريب ڪرڻ چاهين ٿا، انهن جي لاءِ سخت آزمائش آهي۔ هڪ پاسي ته مُعاشَري (Society) جا فرد انهن ويچارن کي طرح طرح سان ستائن ٿا، انهن جي دل ڏُکائن ٿا ۽ اُنهن جي حوصَله شِڪني ڪن ٿا ۽ ٻي پاسي نيڪ عملن جي بجا آوري ۾ نَفس ۽ شَيطان آڏو ايندا آهن۔

اَميرِاَهلسُنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه پنهنجي هڪ ڪلام ۾ هنن حالتن جي ڪجھ هن طرح عَڪاسي ڪئي آهي:

تِری سُنّت پہ چلتا ہوں تو طعنے لوگ  دیتے  ہیں                شہنشاہِ مدینہ! نَفْس  بھی  مجھ  کو  ستاتا  ہے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پاڻ اِنصاف ڪريو!

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! انسان کان غلطيون ٿينديون رهن ٿيون ليڪن افسوس جي ڳالھ هي آهي ته جيڪڏهن ڪنهن مذهبي ۽ دين تي عمل ڪرڻ واري