Book Name:Aik Zamana Aisa Aaey Ga

ڪمائڻ تي ايتري قدر ماريو ويندو جو هن جو گوشت ڇڻي ويندو. پوءِ ان کي ميزان (ساهمي) وٽ آندو ويندو. ملائڪ جبل جي برابر ان جون نيڪيون آڻيندا ته انهيءَ جي خاندان مان هڪ شخص اڳيان وڌي ڪري چوندو: ”منهنجون نيڪيون گهٽ آهن.“ ته هو ان جي نيڪين مان کڻي وٺندو. پوءِ ٻيو اچي ڪري چوندو: ”تو مون کي وياج کارايو هو.“ ۽ ان جي نيڪين مان کڻي وٺندو. اهڙي طرح ان جا گهر وارا انهيءَ جون سڀ نيڪيون کڻي ويندا ۽ هو پنهنجن گهروارن ڏانهن حسرت ۽ مايوسيءَ سان ڏسي چوندو: ”هاڻي منهنجي ڳچي تي اُهي گناهه ۽ ظلم رهجي ويا، جيڪي مون توهان جي لاءِ ڪيا هئا.“ ملائڪ چوندا: ”هي اُهو بدنصيب شخص آهي، جنهن جون نيڪيون هن جا گهر وارا کڻي ويا ۽ هي انهن جي ڪري دوزخ ۾ هليو ويو.“

                                               (الروض الفائق،الباب الثامن في عقوبة قاتلالخ، ص۴۰۱)

گر تُو ناراض ہوا میری ہلاکت ہوگی

ہائے! میں نارِ جہنّم میں جلوں گا یاربّ!

دَرْدِ سَر ہو یا بُخار آئے تڑپ جاتا ہوں

میں جہنّم کی سزا کیسے سہوں گا یاربّ!

 

     مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! غور ڪريو! ان شخص جي بد نصيبي جو ڪهڙو عالَم هوندو جنهن جون سموريون نيڪيون ان جا گھروارا کڻي ويندا ته هو پاڻ ڪنگال ٿي ويندو. تنهنڪري غنيمت سمجھندي غفلت جي ننڊ مان بيدار ٿيڻ گھرجي، الله پاڪ ۽ اُن جي پياري حبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي فرمانبرداري ڪندي پنهنجي اولاد جي دِيني تربيت ڪريو، دُنيوي تعليم جي فِڪر ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجي اولاد کي قرآنِ ڪريم پڙھڻ به سيکاريو وڃي، وضو ۽ غُسل، پاڪي ۽ ناپاڪي وغيره، اسلامي آداب به سيکاريا وڃن، انهن جا اَخلاق به سنوارڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، الله پاڪ ۽ ان جي پياري مَحبوب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي محبت سيکاري وڃي۔ آخرت جو فڪر ڏياريو وڃي، موت جي تياري ڪرائي