Book Name:Aik Zamana Aisa Aaey Ga

شخص کان ڪا غلطي ٿي وڃي ته ان کي مشهور ۽ شرمسار ڪيو ويندو آهي، اهڙي طرح اسلام ۽ شريعت و سنّت تي هلڻ وارن کي بدنام ڪيو ويندو آهي، جنهن سبب ماڻهن جي دلين ۾ انهن لاءِ نفرت پيدا ٿيندي آهي، نتيجي ۾ عوام انهن کان مُتَنَفِّر ٿيندو آهي، انهن کي حقارت جي نگاھ سان ڏسندو آهي ۽ پنهنجي دنيا ۽ آخرت برباد ڪندو آهي۔ اهڙي مشڪل حالتن ۾ دين تي قائم رهڻ ۽ نماز ۽ سنت جي پابند اسلامي ڀائرن ۽ اسلامي ڀينرن کي وڌيڪ محتاط رهڻ گھرجي۔

ياد رکو: معمولي بي احتياطي به ڪڏهن ڪڏهن وڏي نقصان جو سبب بڻبي آهي جيڪڏهن واقعي اوهان مدني ڪم ڪرڻ چاهيو ٿا ته جيستائين شريعت حڪم نه ڏئي هرگز ڪنهن سُنّي کي پنهنجو مخالف نه بڻايو۔ اوهان جي هلڻ ڦرڻ کي ماڻهو غور سان ڏسندا هوندا تنهنڪري ڪو اهڙو ڪم نه ڪيو جو دعوتِ اسلامي تي آڱر کڄي۔“ بهرحال احتياط جي باوجود مشڪلاتون هجن، ماڻهو طعنا ڏين يا گھر وارا سنتن جي مطابق زندگي گذارڻ ۾ رڪاوٽون وجهن ته گھٻرائڻ نه گھرجي جو جنهن ڪم ۾ وڌيڪ مشڪلاتون هونديون آهن ته ان جو ثواب به زياده هوندو آهي۔ اچو انهيءَ سلسلي ۾ 2 فرمانِ مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ملاحظه فرمايو ۔

(1) فرمايائون؛ افضل ترين عبادت اها آهي جنهن ۾ زحمت زياده هجي۔ (ڪشف الخـفا ء،حرف الھمزة مع الفاء، ۱/ ۱۴۱)

(2) فرمايائون: جيڪو امت جي فساد جي وقت منهنجي سنّت کي مضبوطي سان وٺي ان کي سؤ شهيدن جو ثواب ملندو۔ (الزھد الڪبير للبيھقي،ص۱۱۸، حديث:۲۰۷)

 حضرت مفتي احمد يار خان رَحْمَة اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه انهيءَ حديث پاڪ جي شرح ۾ فرمائن ٿا؛ ”جڏهن ته شهيد هڪ دفعو تلوار جو زخم کائي پار ٿي ويندو آهي پر هي الله پاڪ جو ٻانهو سڄي عمر ماڻهن جا طعنا ۽ زبانن جا گھاءُ سهندو رهندو