Qabr Men Kaam Aany Waly Aamaal

Book Name:Qabr Men Kaam Aany Waly Aamaal

تي آيو ۽ ان کي کوٽيائين ته جيئن ٿيلهي ڪڍي. ان ڏٺائين ته ڀيڻ جي قبر ۾ باھ جا شعلا ڀَڙڪي رهيا آهن. پوءِ ان جيئن تيئن قبر تي مٽي وِڌي ۽ غمگين روئندو ماءُ وٽ اچي پُڇا ڪيائين: پياري امڙ! منهنجي ڀيڻ جا عمل ڪهڙا هئا؟ اها چوڻ لڳي: پٽ ڇو ٿو پُڇين؟عرض ڪيائين:”مون پنهنجي ڀيڻ جي قبر ۾ باهه جا شعلا ڀَڙڪندي ڏٺا آهن.“ اهو ٻُڌي ڪري ماءُ روئڻ لڳي ۽ چيائين: افسوس! تنهنجي ڀيڻ نماز ۾ سُستي ڪندي هئي ۽ نماز جا وقت ٽاري پڙهندي هئي (يعني نماز قضا ڪري پڙهندي هئي)  ۔    (مُڪاشَفَة الْقُلو ب ص۱۸۹)

  اي عاشقانِ رسول اسلامي ڀينرون! هن عبرت ناڪ حڪايت مان معلوم ٿيو ته نماز ۾ سُستي ڪرڻ تمام وڏو گناھ آهي ۽ قبر جي عذاب جو سبب به بڻجي سگھي ٿو۔ لهٰذا اسان کي گھرجي ته اسان پنج ئي نمازون ذوق وشوق سان ادا ڪيون ۽ نماز ۾ هرگز هرگز سُستي نه ڪيون۔  

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

قبر ۾ ڪم ايندڙ ٻيو عمل صدقو

      عاشقانِ رسول اسلامي ڀينرون! قبر جي اونداهيءَ کي روشني ۾ ۽ قبر جي گھٻراهٽ کي اطمينان ۽ سڪون ۾ بدلڻ جو هڪ ٻيو عمل الله پاڪ جي راھ ۾ صدقو ڪرڻ به آهي۔ فرمانِ مصطفيٰ آهي: اِنَّ الصَّدَقَة لَتُطْفِئُ عَلٰي اَهلِها حَرَّ الْقُبُوْرِ بيشڪ صَدَقو ڪرڻ وارن جو صَدَقو قَبر جي گرميءَ کان بچائيندو آهي وَ اِنَّمَا يسْتَظِلُّ الْمُؤْمِنُ يوْمَ الْقِيامَة فِي ظِلِّ صَدَقَتِهٖ، ۽ بيشڪ مُسَلمان قيامت جي ڏينهن پنهنجي صَدَقي جي ڇانو ۾ هوندو۔ (شُعَبُ الايمان، باب الزڪاة، التحريض علي صدقة التطوع،۳/۲۱۲، حديث:۳۳۴۷) لهٰذا صدقو ڏيڻ جي عادت بڻائڻ گهرجي۔ صدقو هڪ وڏي فضيلت وارو ڪم آهي، ٭ صَدَقو برائين جا دروازا بند ڪري ٿو۔ ٭ صَدَقو قَبر جي گرمي کان بچائيندو آهي۔ ٭ صَدَقو گُناهن کي ائين مٽائيندو آهي جيئن پاڻي باھ کي۔ ٭ صَدَقو بلائن کي روڪيندو آهي۔ ٭ صَدَقو عُمر ۾ بَرڪت جو سبب ٿيندو آهي۔ ٭ صَدَقو بُري مَوت ۽ بُري خاتمي کان بچائيندو آهي۔ v صَدَقو تڪبّر ۽ غرور جي عادت جو خاتمو ڪندو آهي۔ ٭ صَدَقو باھ کان رُڪاوٽ (Hindrance) ٿيندو آهي۔ ٭ صَدَقو