Quran-e-Pak Ki Ahmiyat

Book Name:Quran-e-Pak Ki Ahmiyat

ختم قرآن جي ترڪيب ٿيندي هئي۔ ڪجھ عرصي کان پوءِ سندن امڙ جو انتقال ٿي ويو۔ ان کان پوءِ اهي ٻئي ملي اڌ اڌ قرآن تلاوت ڪندا هئا ۽ ختمِ قرآن ڪندا هئا۔ پوءِ حضرت علي بن صالح رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو به انتقال ٿي ويو ته حضرت حسن بن صالح رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هر رات اڪيلو مڪمل ختمِ قرآن ڪندا هئا۔

      هڪ شخص جيڪو حضرت علي بن صالح رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي وفات واري رات سندن وٽ هيا، اهو چون ٿا ته جنهن رات حضرت علي بن صالح رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي وفات ٿي، انهن مون کي چيو: ڀاءُ! مون کي پاڻي پيئار۔ اهو شخص چوي ٿو ته مان ان وقت نماز ۾ مشغول هئس، سلام ڦيري مون پاڻي ڀريو ۽ ان وٽ کڻي ويس ۽ چيم: پاڻي حاضر آهي، پي وٺو۔ ته حضرت علي بن صالح رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه چوڻ لڳا: مون هينئر هينئر پاڻي پي ورتو آهي۔ مون حيران ٿي چيو: اوهان کي ڪنهن پاڻي پياريو؟ جڏهن ته ڪمري ۾ ته منهنجي ۽ اوهان جي علاوه ٽيون ته ڪو به نه آهي! اهو ٻڌي حضرت علي بن صالح رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائڻ لڳا: الله پاڪ جي رحمت سان هيئنر هينئر حضرت سَيدُنا جبريل عَلَيه السَّلَام پاڻي کڻي آيا ۽ انهن مون کي سيراب ڪيو ۽ مون کي اهو به فرمايائون: انبيا، صديقَ، شهيدَ، ۽ صالحين عَلَيهمْ الصَلٰوةُ وَالسَّلَام هي اهي ماڻهو آهن جن تي الله پاڪ انعام فرمايو آهي ۽ ٻُڌو! توهان، توهان جو ڀاءُ ۽ توهان جا والد به انهن ماڻهن مان آهن جن تي الله ڪريم جو انعام آهي، حضرت علي بن صالح رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه اهو چيو پوءِ سندن روح پرواز ٿي ويو۔      (صفة الصفوة،الجزء الثالث،۲/ ۱۰۰ بتغير)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                  صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! هن حڪايت مان معلوم ٿيو ته بزرگانِ دِين قرآنِ ڪريم جي اهميت کان چڱي طرح واقف هئا، ان ڪري هميشه هن سان تعلق بڻائي رکندا هئا، هن جي تلاوت ڪندا هئا ۽ وڌ کان وڌ ختمِ قرآن جي ڪوششن ۾ لڳل رهندا هئا۔ پنهنجن گھرن کي تلاوتِ قرآن سان مزين رکندا هئا جيئن ته اوهان هينئر ٻڌو ته حضرت علي، حضرت حسن ۽ انهن جي والده روزانو پنهنجي گھر ۾ پورو قرآن پاڪ ختم ڪندا هئا، اوهان اهو به ٻڌو ته