Book Name:Quran-e-Pak Ki Ahmiyat
انهن کي انعام يافته ٻانهن ۾ شامل ٿيڻ جي خوش خبري ٻڌائي وئي۔
هڪ مدني گل اهو به مليو ته اهو ڪيترو خوش نصيب گھراڻو هو جو تلاوتِ قرآن جهڙي عظيم نيڪي ۽ عبادت ۾ هر هڪ ٻئي جو مُعاون ۽ مددگار به هو، ڄڻ ته انهن مان ڪو به نيڪين کان پوئتي رهڻ نه پئي چاهيو، پر اڄ ائين ته گھٽ نظر ايندو آهي، بلڪ هاڻي ته بدقِسمتي سان نيڪي جي ڪمن ڏانهن قدم وڌائڻ واري جي حوصله افزائي جي بدران دِل شڪني ڪئي ويندي آهي، اي ڪاش! اسان به نيڪيءَ جي ڪمن ۾ هڪ ٻئي جون مدد گار بڻجون۔
اي ڪاش! اسان به پنهنجي گھرن کي تلاوتِ قرآن سان روشن ڪريون، اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ گھرن کي تلاوتِ قرآن ڪري ۽ نمازون پڙهي آباد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي۔ جيئن
نبي ڪريم، رؤف و رحيمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: پنهنجي گھرن کي قبرستان نه بڻايو (يعني پنهنجي گھرن ۾ عبادت ڪريو) ۽ شيطان ان گھر کان پري ڀڄندو آهي جنهن ۾ ’’سوره بقره‘‘ جي تلاوت ڪئي ويندي آهي (مسلم، ڪتاب صلاة المسافرين وقصرها، باب استحباب صلاة النافلة۔۔۔ الخ، ص۳۰۶،الحديث:۱۸۲۴)
اهڙي طرح آقا ڪريم، محبوبِ ربِّ عظيمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايائون: جنهن ڏينهن جي وقت پنهنجي گھر ۾’’سوره بقره‘‘جي تلاوت ڪئي ته 3 ڏينهن تائين شيطان ان جي گھر جي ويجھو نه ايندو ۽ جنهن رات جي وقت پنهنجي گھر ۾ سوره بقره جي تلاوت ڪئي ته 3 راتيون ان گھر ۾ شيطان داخل نه ٿيندو۔ (شعب الايمان، التاسع من شعب الايمان۔۔۔ الخ، فصل في فضائل السور والآيات، ذڪر سورة البقرة۔۔۔ الخ، ۲/۴۵۳، الحديث: ۲۳۷۸)
پر افسوس اڄ اسان جي گھرن جو ڪهڙو حال آهي؟ اڄ اسان جي گھرن ۾ تلاوت ِقرآن جو آواز ناهي ايندو، پر گانن جو آواز ايندو آهي، نمازون ته نٿيون پڙهيون وڃن پر فلمون ڊراما ضرور ڏٺا ويندا آهن، مدني درس ته ناهي ٿيندو پر جھيڙو جھٽو، الله پاڪ جي نافرماني ضرور ٿيندي آهي، اچو اسان پنهنجي گناهن کان پڪي سچي توبه ڪريون، تلاوتِ قرآن جي ڪثرت ڪريون، الله پاڪ جي بارگاھ ۾ جھڪي وڃون، پنهنجي ربّ کي راضي ڪريون، نه ته ياد رکو! جيڪڏهن اسان ربّ کي راضي نه ڪيو، نمازون نه پڙھيون، تلاوتِ قرآن نه ڪئي ته اسان دُنيا ۽ آخرت ۾ برباد ٿي سگھون ٿيون۔