Ham Q Nahi Badltay

Book Name:Ham Q Nahi Badltay

رهجان، اڄ ته توکي گھڻي ننڊ نه آئي پر ايندڙ رات ۾ ننڊ خوب ايندي، همت ڪر ۽ پنهنجي ربِّ ڪريم کي راضي ڪري وٺ۔ اهڙي طرح ڪندي پاڻ پنجاھ سال گذاري ڇڏيا، پاڻ نه ڪڏهن بستر تي ستيون ۽ نه ئي ڪڏهن وهاڻو مٿي تي رکيو ايستائين جو پاڻ انتقال ڪري ويون۔ (حڪايات الصالحين،ص ۳۹)

       پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! جيڪڏهن اسين دنيا ۽ آخرت ۾ ڪامياب ٿيڻ چاهيون ٿيون ته اسان کي خود احتسابي (غور و فڪر) جي عادت بنائڻي پوندي ڇوته جهڙي طرح دُنياوي ڪاروبار سان تعلق رکڻ وارو ڪو به شخص انهيء وقت ڪامياب واپاري بڻجي سگھي ٿو، جڏهن اهو پنهنجي خرچ ڪيل مال کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ نفعو ڪمائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ۽ ان جو اَصَل سرمايو به مَحفُوظ رهي ته هن مَقصَد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هو پنهنجي ڪاروبار (Business) جو روزانو، ماهوار ۽ سالانو حساب ڪتاب ڪندو آهي، پوءِ ان تي مختلف پهلوئن سان غور و فِڪر ڪندو آهي، جتي ڪنهن قسم جي خامي نظر ايندي آهي، ان کي دُرُست ڪندو آهي ۽ جيڪا شيء نفعي کي حاصل ڪرڻ ۾ رُڪاوٽ بڻجندي آهي ان کي پري ڪندو آهي۔ جيڪڏهن اهو پنهنجي ڪاروباري مُعاملات جو مُحاسَبو نه ڪري ته ان کي نفعو حاصل ٿيڻ ته رهيو پري، اُلٽو نُقصان پڻ ٿي سگھي ٿو ۽ جيڪڏهن ان نُقصان کان پوءِ به اهو غفلت جي گهري ننڊ کان بيدار نه ٿئي ته هڪ ڏينهن اهڙو ايندو آهي جو ان جو اَصَل سرمايو به باقي ناهي رهندو ۽ هو پائي پائي جو مُحتاج ٿي ويندو آهي۔ بالڪل اهڙي طرح جيڪا ”آخرت“ ۾ نفعي ڪمائڻ جي آرزُو مَند هجي، ان کي به گھرجي ته پنهنجي ڪيل عملن تي غور ڪري، جيڪي عمل ان کي نفعو ڏيارڻ ۾ مُعاون ثابت ٿين، اُن کي وڌيڪ بهتر ڪري ۽ جيڪي ڪم ان نفعي کي حاصل ڪرڻ ۾ رُڪاوٽ بڻجي رهيا هجن، انهن کي ڇڏي ڏئي، جيڪا اهڙي طرح پنهنجو اِحتِساب جاري رکندي۔ اها الله ڪريم جي توفيق سان ڪاميابي ماڻيندي ۽ نفعي ۾ ان کي جنّت ۾ داخلا نصيب ٿيندي، اهو ئي سبب هو جو حضرت سَيدُنا فاروق اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه روزانو پنهنجو محاسبو ڪندا هئا، جيئن

سَيدُنا فاروقِ اعظم جو نفس جومحاسبو

      حضرتِ سَيدُنا عمرفاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه (پنهنجو محاسبو فرمائيندي) رات جي وقت پنهنجي پيرن تي دُرَّو (ڪوڙو) هڻي فرمائيندا ها: ٻڌاءِ! اڄ تو ’’ڪهڙو