Ham Q Nahi Badltay

Book Name:Ham Q Nahi Badltay

ضايع ڪري ڇڏينديون آهيون. ڊگهي اميد انسان کي بد عملي جو شڪار ڪري ڇڏيندي آهي،  جيئن حضرت داؤد طائي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جن فرمايو: جيڪو الله پاڪ جي آخرت ۾ ڏني ويندڙ سزا کان ڊڄندو آهي، اهو پري کي به ويجهو خيال ڪندو آهي، ۽ جيڪو ڊگهين اميدن ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي اهو بد اعماليءَ جو شڪار ٿي ويندو آهي. (منهاج العابدين ،ص۸۱) تنهنڪري اسان کي گھرجي ته ڊگھين اميدن کان ڇوٽڪاري جي لاءِ ڊگھين اميدن جي نقصانن ۽ موت کي ياد ڪرڻ جي فضيلتن تي نظر رکون، ان جي برڪت سان اسان پنهنجي اصلاح ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وينديوسين۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ، اچو گڏجي دعا گهرون ٿيون.

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                    صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

ٻيو سبب خود احتسابي جو نه هجڻ  

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون ! اسين پنهنجي اصلاح ۾ رڪاوٽ بڻجڻ وارين شين جي باري ۾ ٻڌي رهيون هيوسين، اسان جي اصلاح ۾ رڪاوٽ ۽ اسان جي نه بدلجڻ جو ٻيو اهم ترين سبب خود احتسابي (پنهنجي عملن جو جائزو وٺڻ جي سوچ) جو نه هئڻ به آهي، ڇوته اسان پنهنجي عملن جو احتساب نٿيون ڪيون، ياد رکو! خود احتسابي جو نه هئڻ پنهنجي آخرت کان غافل ڪندو آهي، خود احتسابي جو نه هئڻ  پنهنجي نيڪ عملن کان پري ڪندو آهي، اسان جا بزرگان ِدين روزانو پنهنجو محاسبو ڪندا هئا، پنهنجي عملن جو جائزو وٺندا رهندا ۽ خوفِ خُدا کان لرزندا رهندا هئا، جيئن

نفس جو محاسبو ڪرڻ وارو خوش نصيب

      دعوتِ اسلامي جي مڪتبة المدينه جي ڪتاب ’’حڪايتيں اورنصيحتيں‘‘ جي صفحي 52 تي آهي: حضرتِ سيدُنا ابوبڪر ڪتَّانِي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ شخص برائين ۽ خطائن تي پنهنجي نفس جو محاسبو ڪندو هو۔ هڪ ڏينهن ان پنهنجي زندگي جي سالن جو حساب لڳايو ته سٺ (60) سال ٿيا، پوءِ ڏينهن جو حساب ڪيو ته ايڪيھ هزار پنج سو (21500) ڏينهن بڻيا ته ان هڪ زوردار رڙ ڪئي ۽ بي هوش ٿي ڪري پيو، جڏهن هوش ۾ آيو ته چوڻ لڳو: هاءِ افسوس! جيڪڏهن روزانو هڪ گناھ به ڪيو ته پنهنجي ربِّ ڪريم جي بارگاھ ۾ ايڪيھ هزار پنج سو (21500) گناھ کڻي حاضر ٿيندس ته انهن گناهن جو ڪهڙو حال هوندو جن جو شمار ئي ناهي؟ هاءِ افسوس! مون پنهنجي دنيا