Ham Q Nahi Badltay

Book Name:Ham Q Nahi Badltay

مزاجي(Persistence) سان گڏ شرڪت ۽ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول ۾ اِستقامت سان گڏ الله پاڪ ۽ ان جي پياري حبيب، حبيبِ لبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي محبت وڌيڪ پيدا ٿيندي، پياري صحابه ۽ اولياء جو مُبارڪ فيضان جاري ۽ ساري ٿي ويندو، گناهن کان دِل بيزار ٿيندي ۽ فِڪرِ آخِرت سان گڏ سُنَّتن جي مُطابِق زِندگي گذارڻ جو به ذِهن بڻجندو۔ اِنْ شَآءَالله

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد   ۔

 پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي سنت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿي  تاجدارِ رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو (مشکاۃالمصابیح،   کتاب الایمان  باب الاعتصام  بالکتاب والسنۃ ، ۱/ ۵۵حدیث:)

سینہ تری  سُنَّت کا مدینہ  بنے آقا                              جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا  بنانا

 

کاڌو کائڻ جو سنتون ۽ آداب

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اچو! مڪتبة المدينه جي ڪتاب ”سنتون ۽ آداب“ مان کاڌو کائڻ جون سنتون ۽ آداب ٻڌون ٿيون ٭ هر کاڌي کائڻ کان پهريان پنهنجا هٿ ڪارائين تائين ڌوئي وٺو. نور جي پيڪر، تمام نبين جي سرور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  فرمايو: جيڪو هي پسند ڪري ته الله پاڪ ان جي گهر ۾ برڪت وڌيڪ ڪري ته ان کي گهرجي ته جڏهن کاڌو حاضر ڪيو وڃي ته وضو ڪري ۽ جڏهن کنيو وڃي تڏهن به وضو ڪري  (ابن ماجہ،کتاب الاطعمہ،باب الوضوء عند الطعام ،حدیث۳۲۶۰،۴/۹) ٭ مفتي احمد يارخان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه لکن ٿا: هن (يعني کاڌو کائڻ جو وضو) جي معنٰي آهي: هٿ ۽ منهن جي صفائي ڪرڻ ته هٿ ڌوئڻ ۽ گرڙي ڪري وٺڻ۔ (مرآۃ المناجیح ،ج۶،ص۳۲) ٭کاڌوکائڻ کان پهريان جوتا لاهي ڇڏيو. ٭ کاڌو کائڻ کان پهريان بسم اللہ الرحمن الرحیم پڙهي وٺو. ٭جيڪڏهن کاڌو کائڻ مهل بسم الله پڙهڻ وسري وڃي ته ياد اچڻ تي بِسْمِ اللہِ اَوَّلَہٗ وَاٰخِرَہ، پڙهي وٺو.٭کاڌو کائڻ کان پهريان هي دعا پڙهي وڃي جيڪڏهن کاڌي ۾ زهر به هوندو ته اِنْ شَــآءَالـلّٰـه اثر نه ڪندو؛(دعا هي آهي) بِسْمِ اللہِ الَّذِیْ لَایَضُرُّ مَعَ اسْمِہِ شَیْءٌ فِی الْاَرْضِ وَلَا فِی السَّمَآءِ یَاحَیُّ يَاقَیُّوْمُ (يعني الله پاڪ جي نالي سان شروع ڪيان ٿي