Ham Q Nahi Badltay

Book Name:Ham Q Nahi Badltay

عمل‘‘ ڪيو؟۔ (احياء العلوم،۵/۳۵۸ملخصاً)

       پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول ۾ محاسبه نفس ۽ خود احتسابي ڪرڻ کي ’’غور و فڪر ڪرڻ‘‘ چوندا آهن۔ اَميرِ اهلسنّت، حضرت علّامه مولانا محمدالياس عطّار قادري دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه اسان جا سچا ۽ حقيقي خيرخواهه آهن. پاڻ اسان کي هڪ عظيم الشان مدني نسخو”مدني انعامات “جي نالي سان عطا فرمايو آهي. ان تي عمل ڪري اسان پنهنجي اصلاح  جو عظيم جذبو حاصل ڪري سگهون ٿيون. اهو مدني انعامات جو تحفو اسان جي بزرگن جي ياد کي تازو ڪري ٿو. اڪيلائيءَ ۾ مدني انعامات جي رسالي کي کولي ان ۾ شامل سوال جي جواب ۾ پاڻ ئي ”ها“  يا ”نه“ جي ذريعي پنهنجي عملن جو جائزو وٺي سگهو ٿيون. ڄڻ اهي مدني انعامات اسان کي روزانو پنهنجي ئي لڳايل خود احتسابيءَ جي عدالت ۾ حاضر ڪري اسان کي پنهنجي ئي ضمير کان فيصلو ڪرائيندي ۽ اسان جي اصلاح جو سامان مهيا ڪرڻ ۾ مدد ڪندا آهن. اهي مدني انعامات جنت ۾ وٺي وڃڻ وارا ۽ جهنم کان بچائڻ وارن عملن جو مجموعو آهن۔ بُزرگانِ دين به خود اِحتسابي ڪندا هئا ۽ درجات جي بلندي جو اهتمام ڪندا هئا۔ (جنت کی تياري ،۴۰)

ٽيون سبب بُري صحبت

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ياد رکو! مشهور چوڻي آهي ماڻهو ٻئي ماڻهوءَ کي ڏسي ان جهڙو ڍنگ اختيار ڪندو آهي. اڄوڪي دور ۾ اسان جي معاشري ۾ گناهن جي وڌڻ، پنهنجي اصلاح جي فڪر نه هئڻ ۽ نيڪين ۾ دل نه لڳڻ ۽ موت کان غافل ٿيڻ جو هڪ سبب بُري صحبت به آهي، ڇوته جڏهن اسان جي دوستي (Friendship) اهڙِين سان هوندي جن کي نه پنهنجي آخرت جو ڪو فڪر آهي ۽ نه ٻين جو، ته انهن جي صحبت ۾ رهي اسان تي به اهو ئي رنگ چڙھندو ۽ ائين ئي اسان پنهنجي اصلاح کان غافل ٿي پنهنجي قيمتي وقت کي فضوليات ۾ گذارينديوسين۔

   ياد رکو! بُري صحبت انسان کي برباد ڪري ڇڏيندي آهي، بُرين جي صحبت ۾ ويهڻ ڄڻ ته آفتن، بلائن ۽ مصيبتن جي دروازي کي کوليندو آهي. بري صحبت انسان کي والدين جي نافرماني ڪرڻ، گهر وارن سان جهڳڙڻ، پنهنجي فائدي جي لاءِ ٻين کي تڪليف ڏيڻ، جهڙن ڪمن جي طرف مائل