Ham Q Nahi Badltay

Book Name:Ham Q Nahi Badltay

ڪندي آهي.   

 بُري صحبت ڪهڙا ڪهڙا ڪرشما ڏيکاريندي آهي، ان جي باري ۾ هڪ دردناڪ واقعو ٻڌون ٿيون، جيئن

بُري صحبت جو انجام

      شيخِ طريقت،اميرِ اَهلسُنّت، باني دعوتِ اسلامي حضرت علّامه مَولانا ابُو بلال محّمد الياس عطّار قادِرِي رَضَوِي ضِيائي دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه پنهنجي مايه ناز تصنيف ”نيڪي جي دعوت“ جي صفحي نمبر290 تي فرمائن ٿا: پنجاب (پاڪستان) جي هڪ علائقي ۾ هڪ عجيب و غريب بدبو ((Bad-smell محسوس ٿيڻ لڳي، علائقي وارن خوب جستجو ڪرڻ کان پوءِ بدبو جو سُراغ لڳايو، اها بدبو هڪ گھر مان اچي رهي هئي، تنهنڪري پوليس کي اطلاع ڏنو ويو، پوليس وارا ماڻهن جي موجودگي ۾ تالو ٽوڙي گھر ۾ داخل ٿيا ته هي ڏسي سڀ حيران ٿي ويا ته اتي هڪ کٽ تي هڪ جوان شخص جو لاش پيو آهي ۽ ان جا ڪجھ حصا ڳري چڪا آهن ۽ ان ۾ جيت هلي رهيا آهن، هي منظر ڏسي ٻارن سميت ڪيئي ماڻهو بيهوش ٿي ويا، تحقيق ڪرڻ تي خبر پئي ته هي نوجوان محنت مزدوري ڪرڻ جي لاءِ ان علائقي ۾ آيل هو، ڪرائي جي جڳهه ۾ رهندو هو ۽ ڪجھ جوارين سان ان جي دوستي هئي، هڪ ڏينهن هي نوجوان پنهنجي دوستن کان جوا ۾ تمام گھڻي رقم کٽي ويو، هاريل جواري دوستن هارايل رقم ان کان ڦرڻ جي لاءِ هن جي ڳچي ۾ رسو وجھي ۽ بجلي جا ڪرنٽ هڻي ڪري ان کي ماري وڌو، پوءِ ان کي بنا ڪفن دفن جي تالو لڳائي فرار ٿي ويا۔ (نيڪي جي دعوت ، ص۲۹۰)

چڱي صحبت جون برڪتون

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ٻڌو اوهان ته بُري صحبت دنيا ۽ آخرت جي لاءِ ڪيتري قدر نقصان ده هوندي آهي۔ بري صحبت جان کسجڻ جو سبب بڻجندي آهي، بري صحبت ذلت ۽ رسوائي جو سبب بڻجندي آهي، بري صحبت عبر تناڪ موت جو سبب بڻجندي آهي، تنهنڪري عافيت انهيء ۾ آهي ته اسان بُري صحبت ڇڏي ديندار ۽ نيڪ اسلامي ڀينرن جي صحبت (Company) اختيار ڪريون، ڇوته اَلصُّحْبَةُ مُؤَثِّرَۃ يعني صحبت پنهنجو اثر (Effect) رکي ٿي۔ جنهن خوش نصيب اسلامي ڀيڻ کي چڱي صحبت نصيب ٿي وڃي ته ان جا ڀاڳ