Ham Q Nahi Badltay

Book Name:Ham Q Nahi Badltay

کي هن طرح ڌوڪي ۾ قابو ڪندا آهن ته اڃان توهان جوان آهيو پوڙهائپ ۾ توبه ڪري وٺجو، اڃان ته گھڻي عمر پئي آهي، اڃان ته راند روند جا ڏينهن آهن، اڃان دوستياڻن سان گڏ گهمڻ جا ڏينهن آهن، اڃان عمده عمده ريسٽورنٽ تي کائڻ جا ڏينهن آهن، بعد ۾ توبه ڪري وٺجو، يا پوڙهائپ ۾ خوب نيڪيون ڪري وٺجو، اهي جملا اسان کي پنهنجو پاڻ کي بدلڻ ۽ پنهنجي اصلاح ڪرڻ ناهن ڏيندا، حالانڪ جيڪڏهن اسان غور ڪريون ته اسان کي اهڙا ڪيئي نوجوان نظر ايندا، جن جون جوانيون به انهيء طرح جي خيالات ۾ گذري رهيون هيون پر زندگي انهن سان وفا نه ڪئي، اهي اوچتو موت جا شڪار ٿي ويا، موت انهن کي هن پُررونق دنيا مان کڻي اونداھي قبر ۾ پهچائي ڇڏيو۔

    ياد رکو! وڏي عمر(Long life) ماڻڻ جي ڊگهي اميد نمازون قضا ڪرائيندي آهي، زڪوٰة ۽ فرض حج جي ادائيگي ۾ دير ڪرائيندي آهي، هميشه سهولتن ڀري زندگي جي ڊگهي اميد ڏک، تڪليف ۽ مشقت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندي آهي.، ڊگهيون اميدون ئي بلند ۽ بالا عمارتون تعمير ڪرڻ تي اڀرينديون آهن. ڊگهيون اميدون انسان جي دل ۾ مال ۽ دولت جي هَوَس پيدا ڪنديون آهن، ڊگهيون اميدون ئي انسان جي دل مان قيامت جي ڏينهن بارگاههِ الٰهي ۾ پنهنجي هر عمل جي جواب ڏيڻ جو ڊپ ۽ بري خاتمي جو خوف ڪڍنديون آهن، انسان ڊگهي اميدن ۾ پئجي ئي مسلمانن سان بغض ۽ عداوت رکي ٿو، توبهه ڪرڻ جي اميد تي غيبت، چغلي، حسد، تڪبر جهڙن باطني گناهن ۾ وڃي پوي ٿو ۽ شيطان ان جي دل تي حڪومت ڪري ٿو. (موسوعة ابن ابي دنيا، ج. 3، ص. 328، رقم؛ 103) ڊگهين اميدن جي سبب نيڪيون ڪرڻ دشوار ٿي ويندو آهي جيئن ته

نيڪي جي راهه ۾ رڪاوٽ

      حضرت سيدُنا امامِ غزالي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا؛ ڊگهيون اميدون نيڪي ۽ اطاعت جي راهه ۾ رڪاوٽ آهن، پڻ هر فتني ۽ شر جو باعث آهن، ڊگهين اميدن ۾ مبتلا ٿي وڃڻ، هڪ مرض آهي جيڪو ماڻهن کي ٻين ڪيترن ئي مرضن ۾ مبتلا ڪندو آهي. (منھاج العابدين ،ص۱۱۸،ملخصا)

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ڊگهي اميد غافل ۽ سُست بڻائي ڇڏيندي آهي، اهو ئي سبب آهي جو نيڪي ڪرڻ کان پهريان ئي دل ۾ هي خيال گهر ڪري ويندو آهي ته ”اڃان ٿورڙي دير کان پوءِ ڪندَس، اڃان ڪافي وقت آهي، عبادت جو موقعو ضايع ٿيڻ نه ڏيندَس“ ايئن ئي سستي ڪري اسين نيڪيءَ جو موقعو