Ham Q Nahi Badltay

Book Name:Ham Q Nahi Badltay

کلي پوندا آهن، ڇوته ٭ چڱي صحبت جي برڪت سان سٺيون عادتون پيدا ٿين ٿيون۔ ٭ چڱي صحبت نمازي بڻائيندي آهي٭چڱي صحبت تلاوت قرآن جو شوق ڏياريندي آهي. ٭ چڱي صحبت جي برڪت سان علمِ دين سکڻ جو جذبو ملندو آهي. ٭  چڱي صحبت سان نيڪين ۾ آساني نصيب ٿيندي آهي، ٭ چڱي صحبت فڪرِآخرت جو سبب بڻجندي آهي، ٭ چڱي صحبت دل ۾ خوفِ خُدا پيدا ڪندي آهي، ٭ چڱي صحبت بُري عادتن کان بچائيندي آهي، ٭ چڱي صحبت سنتن تي عمل جو جذبو بيدار ڪندي آهي، ٭ چڱي صحبت مُعاشري ۾ عزت جو سبب بڻجندي آهي، ٭ چڱي صحبت دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي جي ضامن بڻجندي آهي۔

ياد رکو! چڱي صحبت اپنائڻ ۾ فائدو ئي فائدو آهي جڏهن ته بُري صحبت اختيار ڪرڻ ۾ دِين ۽ دنيا جو سراسر نُقصان ئي نُقصان آهي ڇوته بُري صحبت انسان جي ايمان تائين کي برباد ڪندي آهي، جيئن

نانگ کان به خطرناڪ

  مولانا جلال الدين رُومي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جيستائين ممڪن هجي بُري يار (دوست) کان پري رهو، ڇوته بُرو ساٿي بُري نانگ کان به وڌيڪ خطرناڪ ۽ نقصان ده آهي، ان ڪري جو خطرناڪ نانگ ته صرف جان يعني جسم کي تڪليف يا نقصان پهچائيندو آهي جڏهن ته بُرو ساٿي جان ۽ ايمان ٻنهي کي برباد ڪندو آهي۔ (گلد سته مثنوي، ص۹۴)

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! افسوس صد افسوس! اڄوڪي دور ۾ جان کسيندڙ، خوفناڪ ۽ زهريلي جانورن، ڪيڙن مڪوڙن ۽ وحشت ناڪ شين کان ڊڄنديون آهن ۽ انهن کان بچڻ جي ڪوشش ڪنديون آهيون پر هلاڪت ۽ بربادي سان ڀرپور بُري صحبتن کان پيڇو ڇڏائڻ جي ڪوشش بلڪل ناهن ڪنديون، هاءِ! بري صحبت جي نحوست اهڙي ڇائنيل آهي جو عبادت ۾ دل ناهي لڳندي۔  رب ڪريم اسان کي نيڪ ۽ ديندا ر اسلامي ڀينرن جي صحبت اختيار ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.

اصلاح ِاُمّت ۽ دعوتِ اسلامي جو ڪردار

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!  الحمدالله دعوتِ اسلامي جو مدني ماحول اسان کي چڱي صحبت فراهم ڪري ٿو، انڪري پاڻ به هن مدني ماحول سان