Ham Q Nahi Badltay

Book Name:Ham Q Nahi Badltay

دنياوي لَذَّتن ۾ بَدمَست ڪنديون آهن۔ ٭ ڊگھيون اميدون انسان کي قبر جي وحشتن کان غافل ڪنديون آهن۔ ٭ ڊگھيون اميدون انسان کي گناهن تي دلير ڪنديون آهن۔ ٭ ڊگھيون اميدون انسان جي اصلاح ۾ رڪاوٽ بڻجنديون آهن۔ ٭ ڊگھيون اميدون انسان کي موت جي تياري کان بي پرواھ ڪنديون آهن۔ ٭ ڊگھي اميدن ۾ مبتلا ٿي انسان طرح طرح جي گناهن ۾ ملوث ٿي ويندو آهي۔ جيئن ته بيان ڪيل واقعي ۾ بادشاھ ڊگھي اميدن ۽ دير تائين زندھ رهڻ جي آفت ۾ مبتلا ٿي پُر رونق محلات جي تعميرات ۽ راند روند جي آلات ۾ مشغول ٿيو، دوستن جي بي فائده صحبت ۽ نوڪرن جي خُوشامدانه خدمت جي نَشي ۾ قبر جي تنهائي کي وساري ويٺو، پر جيئن ئي ان جي دل مان ڊگھي اُميدن جي باھ ختم ٿي، غفلت جي اونداھي دور ٿي ته اهو بادشاھ گُناهن کان بيزار ۽ ان جي دل دنيا کان بيزار ٿي ته ان يڪدم بارگاھ الٰهي ۾ توبه ڪئي۔ ڊگھي اُميدن بابت الله ڪريم سيپاري 14 سورةُ الحجر جي آيت نمبر 3 ۾ ارشاد فرمائي ٿو؛

 

ذَرْهُمْ یَاْكُلُوْا وَ یَتَمَتَّعُوْا وَ یُلْهِهِمُ الْاَمَلُ فَسَوْفَ یَعْلَمُوْنَ(۳)      

ترجمو ڪنزالايمان: انهن کي ڇڏي ڏي ته کائن ۽ نفعو وٺن ۽ اميد انهن کي غفلت ۾ وجهي پوءِ جلدي انهن کي خبر پوندي.

صدر الافاضل حضرت علّامه مولانا سيّد محمد نعيم الدين مراد آبادي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هن آيتِ مبارڪه جي حوالي سان فرمائن ٿا؛ ان ۾ تنبيهه آهي ته ڊگهين اميدن ۾ گرفتار ٿيڻ ۽ دنيا جي لذّتن جي طلب ۾ غرق ٿي وڃڻ، ايماندار جو شان ناهي. حضرت علي المرتضٰي رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جن فرمايو؛ ڊگهيون اميدون آخرت کي وسارينديون آهن ۽ خواهشن جي پيروي، حق کان روڪيندي آهي. ڊگھي اميد ڇا آهن، ڊگھي اميدن مان ڇا مراد آهي  اچو! ٻڌون ٿيون:

ڊگھي اُميد مان ڇا مراد آهي؟

      جن شين کي حاصل ڪرڻ تمام مشڪل هجي، ان جي لاءِ ڊگهيون اميدون ٻَڌي ڪري زندگي جا قيمتي لمحا ضايع ڪرڻ،  ڊگهي اميد چورائيندو آهي. (فيض القدير،حرف الھمزۃ،۱/۲۷۷، حديث :۲۹۴)

      ياد رکو! ڊگھي اميد شيطان جو هڪ هٿيار آهي، تفسيرِ صراط الجنان ۾ آهي ته (شيطان مردود) ڊگھي عرصي تائين زندھ رهڻ جي سوچ انسان جي دل،