Ham Q Nahi Badltay

Book Name:Ham Q Nahi Badltay

مان محسوس ڪري رهيو آهيان ڇا توهان به محسوس ڪري رهيا آهيو؟ بادشاھ کان دوستن پڇيو؛ توهان ڇا محسوس ڪري رهيا آهيو؟ ان چيو؛ مان پنهنجي دل تي ڪجهه بار محسوس ڪري رهيو آهيان، مون کي لڳي ٿو ته هي منهنجي موت جو پيغام آهي. ماڻهن چيو؛ اهڙي ڪا ڳالهه ناهي، توهان جي عمر وڏي ۽ عزت بلند ٿئي، توهان پريشان نه ٿيو. ان غيبي آواز بادشاهه جي دل مان ڊگهين ڊگهين اميدن جو خاتمو ڪري ڇڏيو، ان کي عيش ۽ عشرت جا سڀئي منصوبا حقير نظر اچڻ لڳا، آخرت جي فڪر جو ان تي غلبو ٿيو، ان جي دل مان خواهشن جي باهه وسامي وئي ۽ اهو گناهه ڇڏڻ جو ارادو ڪندي بارگاههِ خداوندي ۾ هيئن عرض ڪرڻ لڳو؛ ”اي منهنجا پاڪ پروردگار! مان تو کي ۽ هتي موجود تنهنجي ٻانهن کي گواهه بڻائي تنهنجي طرف رجوع ڪريان ٿو ۽ پنهنجي تمام گناهن ۽ زيادتين تي نادم ٿي توبهه ڪيان ٿو. اي منهنجا خالق! جيڪڏهن تون مون کي دنيا ۾ ڪجهه مدّت وڌيڪ باقي رکڻ چاهين ٿو ته مون کي دائمي اطاعت ۽ فرمانبرداريءَ جي راهه تي هلاء ۽ جيڪڏهن مون کي موت ڏئي پنهنجي طرف گهرائڻ چاهين ٿو ته تون مون تي ڪرم ڪر ۽ پنهنجي ڪرم سان منهنجي گناهن کي بخشي ڇڏ.“ بادشاهه اهڙي طرح التجا ۾ مصروف رهيو ۽ ان جو سور وڌنڌو ويو، پوءِ ان هنن لفظن جي تڪرار شروع ڪري ڇڏي؛ الله جو قسم! موت، الله جو قسم! موت. بس اهي ئي ڪلما ان جي زبان تي جاري هئا ته ان جو روح پرواز ٿي ويو. (موسوعۃابن ابي الدنيا، قصرالامل، ۳/۳۶۱، رقم :۲۷۱،عيون الحڪايات،الحڪايۃ الثالثۃوالسبعون ۔۔الخ،ص ۴۰۴ ملخصاً)

خُدایا بُرے خاتمے سے بچانا                                    پڑھوں کلمہ جب نکلے دم یاالٰہی

گناہوں کی عادت بڑھی جارہی ہے                            کرم یا الٰہی کرم یاالٰہی

 (وسائل ِبخشش مرمم ،ص۱۱۰،۱۱۱)

پهريون سبب ڊگھيون اميدون

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان جي اصلاح ۾ سڀ کان پهريان ۽ وڏي رڪاوٽ ڊگھيون اميدون آهن، ڇوته ٭ ڊگھيون اميدون انسان کي گناهن جي گِهري(اونهي) کڏ ۾ ڌڪي ڇڏينديون آهن، ٭ ڊگھيون اميدون خواهشن جو دروازو کولينديون آهن، ٭ ڊگھي اُميدن جي آٓفت انسان کي دُنيا ۽ آخرت ۾ ڪيئي طرح جي مصيبتن ۾ مبتلا ڪندي آهي، نفس ۽ شيطان ان کي توبه جي اُميد ڏياري پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائيندا آهن۔ ٭ڊگھيون اميدون انسان کي