Ham Q Nahi Badltay

Book Name:Ham Q Nahi Badltay

جنهن جي نالي جي برڪت سان زمين ۽ آسمان جي ڪابه شيءِ نقصان نٿي پهچائي سگهي.اي هميشه زندھ ۽ قائم رهڻ وارا.) (فردوس الاخبار ،حدیث:۱۹۵۵،۱/ ۲۷۴)٭  ساڄي هٿ سان کائو. ٭ پنهنجي طرف کان کائو. ٭ کاڌي مان ڪنهن قسم جو عيب نه ڪڍو، مثلاً هيئن نه چئو ته مزيدار ناهي، ڪچو رهجي ويو آهي، بيسواد ٿي ويو آهي  ڇوته کاڌي مان عيب ڪڍڻ مڪروھ ۽ خلافِ سنت آهي بلڪ دل ڪري ته کائو نه  ڪري ته هٿ روڪي ڇڏيو.٭ امامِ اهلسنت مولانا شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه لکن ٿا: کاڌي مان عيب ڪڍڻ پنهنجي گهر ۾ به نه ڪرڻ گهرجي، مڪروه ۽ خلاف سنت آهي. (سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جي) عادتِ ڪريمه اها هئي ته پسند آيو ته تناول فرمائي ورتو نه ته نه ۽ پرائي گهر ۾ عيب ڪڍڻ ته(ان ۾) مسلمانن جي دل آزاري آهي ۽ ڪمال حرص ۽ بي مروتي تي دليل آهي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب “بهار شريعت” حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب سنتیں اور آداباميرِ اهلسنت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جا ٻه رسالا ”101 مدني گل“ ۽ ”163 مدني گل هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ  

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

ايندڙ هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون

          پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اِنْ شَآءَ الله! آئنده هفتيوار سنتن ڀري اِجتماع جو موضوع هوندو: ”قيامت جون نشانيون“‏ جنهن ۾ اسين قرآن ۽ حديث جي روشني ۾ قِيامت جي ڪجھ نشانين جي باري ۾ ٻڌنديوسين۔ پڻ اسان کي انهن نشانين کي ڏسي ڇا ڪرڻ گھرجي هن باري ۾ به ڪجھ ڳالهيون بيان ڪيون وينديون۔ لهٰذا! آئنده اربع تي به اجتماع ۾ حاضري جي نيت ڪريو، نه صرف پاڻ اچڻ جي بلڪ اِنفرادي ڪوشش ڪري ٻين کي به گڏ آڻڻ جي نيت ڪريو