Ham Q Nahi Badltay

Book Name:Ham Q Nahi Badltay

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندَس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندَس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين اسلامي ڀينرن جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندَس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندَس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندَس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ واريءَ جي دِل جوئي جي لاءِ آهسته آواز سان جواب ڏيندَس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندَس۔دوران بيان موبائل جي غيرضروري استعمال کان بچندَس،نه بيان ريڪارڊ ڪندَس نه ئي ٻئي ڪنهن قسم جو آواز ڇو ته ان جي اجازت ناهي،جيڪو ڪجهه ٻُدَندَس،ان کي ٻڌي ۽ سمجهي ڪري ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان کي بعد ۾ ٻين تائين پهچائي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندَس

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! دنيا آخرت جي کِيتي آهي، اسان هن دنيا ۾ جيڪو پوکينديوسين اهو ئي آخرت ۾ لُڻنديوسين، ڇوته قيامت جو ڏينهن نيڪين جي جزا ۽ گناهن جي سزا ملڻ جو ڏينهن آهي پر افسوس! اهو سڀ ڪجھ خبر هئڻ جي باوجود اسان عبادتِ خداوندي کان پري ۽ ٻين ٻانهن جي حقن جي ادائيگي کان بي پرواھ ٿي ڪوڙ، غيبت، چغلي، ڌوڪو، دنيا جي محبت ۾ بد مست ۽ آخرت جي تياري کان غافل آهيون ۽ پنهنجو پاڻ کي بدلڻ جي ڪوشش نٿا ڪيون، هونئن ته انسان جي اصلاح ۾ کوڙ ساريون شيون رڪاوٽ  هونديون آهن، پر اڄ جي بيان ۾ (3) اهم سبب (1) ڊگھيون اميدون (2) خود اِحتسابي (محاسَبه نفس) جو نه هئڻ  يعني پنهنجي عملن جو جائزو نه وٺڻ ۽ (3) بُري صحبت جي باري ۾ ڪجهه ڳالهيون ۽ آخر ۾ پنهنجي اصلاح جو طريقو ۽ اصلاحِ اُمّت ۾ دعوتِ اسلامي جي ڪردار جي باري ۾ به ٻُڌنديوسين، اي ڪاش جو اسان کي سڄو بيان سٺين سٺين نيتن سان ٻڌڻ نصيب ٿي وڃي۔

      اچو! سڀ کان پهريان هڪ واقعو ٻڌون ٿيون: