Faizan-e-Rabi-ul-Awaal

Book Name:Faizan-e-Rabi-ul-Awaal

اهو بيهي نه سگھيو، آخرڪار ان اها باس باسي ته جيڪڏهن الله پاڪ مون کي ان مرض کان شفاياب فرمايو ته مان محفلِ ميلاد شُروع کان آخر تائين بيهي ٻڌندس۔ ان باس جي برڪت سان الله پاڪ ان کي صحت عطا فرمائي، هاڻي ان جو اهو معمول بڻجي ويو ته هو سرڪار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي تعظيم ۾ سڄي محفل بيهي ٻڌندو آهي۔ (الاعلام بفتاوي ائمۃ الاسلام حول مولده عليه السلام ص ۹۴

   پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان ربيع الاول جي فضيلتن ۽ ان جي برڪتن جي باري ۾ ٻڌي رهيون هيوسين، ربيعُ الاوَّل جي عظمتن جي ڇا ڳالھ ڪجي! ان کي ڪائنات جي سڀ کان وڌيڪ عظمت ۽ شان واري هستي، اسان جي پياري نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان نسبت آهي۔ انهيء نسبت هن مهيني جو شان وڌائي ڇڏيو آهي ۽ ان تاريخ کي ليلة القدر کان به افضل بڻائي ڇڏيو آهي، ڇوته هن مهيني ۾ ربِّ ڪريم جي سڀ کان وڏي رحمت اسان گناهگارن کي نصيب ٿي، هن مهيني ۾ رب ڪريم پنهنجو محبوب اسان کي عطا فرمايو، تنهنڪري اسان کي گھرجي ته هن رحمت تي الله پاڪ جو شڪر ادا ڪريون، ان جي رحمت تي خوشيون ملهايون، ڇوته رحمتِ الٰهي ملڻ تي خُوشي ملهائڻ جو حڪم ته الله ڪريم خود ارشاد فرمايو آهي، جيئن

سيپاري 11 سُوره يونُس جي آيت نمبر 58 ۾ اِرشاد آهي۔

قُلْ بِفَضْلِ اللّٰهِ وَ بِرَحْمَتِهٖ فَبِذٰلِكَ فَلْیَفْرَحُوْاؕ-هُوَ خَیْرٌ مِّمَّا یَجْمَعُوْنَ(۵۸)  (پ 11 يونس 48)                   

ترجمو ڪنزالايمان: تون فرماءِ الله جي فضل ۽ سندس رحمت تي جڳائي ته خوشي ڪن، اهو انهن جي سموري ڌن دولت کان بهتر آهي.

مشهور مفسّرِ قرآن، مُفتي اَحمد يارخان نعيمي رَحْمَةُ الله عَلَيه هن آيت سڳوري جي حوالي سان اِرشاد فرمائن ٿا: اي مَحبُوب! ماڻهن کي اها خُوشخبري ڏيو ۽ اهو حڪم به ڏيو ته الله جي فَضل ۽ ان جي رَحمَت مِلڻ تي تمام گهڻيون خُوشيون ڪيو۔ عام خُوشي ته هر وَقت ڪيو ۽ خُصُوصي خُوشي انهن تاريخن ۾ جِن ۾ اهي نِعمَتون مليون يعني رَمَضَان ۾ ته الله جو فضل”قرآن“ آيو،  رَبِيعُ الاَوَّل ۾ خُصُوصاً ٻارهين تاريخ جو رَحمَةٌ لِّلعَالَمِين يعني محمدِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پيدا ٿيا۔ اهو فَضل ۽ رَحمَت يا اُن جي خُوشي ڪرڻ توهان جي دُنياوي جَمع ڪيل مال ۽ مَتَاع، پيسه، مَڪان، جائيداد، جانور، ٻني ٻاري بلڪ