Book Name:Faizan Rabi-ul-Akhir

وڃي ان کي کائڻ جي لاءِ ويهي رهيس. ايتري ۾ هڪ عجمي نوجوان آيو ان وٽ تازيون مانيون ۽ ڀُڳل گوشت هيو اهو ويهي کائڻ لڳو. ان کي ڏسي منهنجي کائڻ جي خواهش يڪدم شدت اختيار ڪئي. جڏهن اهو کائڻ جي لاءِ گرهه کڻندو هيو ته بُک جي شدت جي سبب بي اختيار دل چاهيندي هئي ته وات کولي ڇڏيان ته جيئن هُو منهنجي وات ۾ گرهه وجهي ڇڏي. آخر مون پنهنجي نفس کي دڙڪو ڏنو ته ” بي صبري نه ڪر الله ڪريم مون سان گڏ آهي. چاهي ڪجهه به ٿي وڃي پر مان ان نوجوان کان گهري هرگز نه کائيندس.“   

اوچتو اهو نوجوان منهنجي طرف متوجهه ٿيو ۽ چوڻ لڳو، ڀاءُ! اچو ۽ اوهان به کائڻ ۾ شريڪ ٿي وڃو، مون انڪار ڪيو. ان اصرار ڪيو، منهنجي نفس مون کي کائڻ جي لاءِ تمام گهڻو اڀاريو، پر مون وري به انڪار ڪيو. پر ان نوجوان جي گهڻي اصرار تي مون ٿورڙو کاڌو کاڌو. ان مون کان پُڇيو، ڪٿان جا رهڻ وارا آهيو؟ مون ورندي ڏني جيلان جو. هُو چوڻ لڳو، مان به جيلان جو ئي آهيان. چڱو اهو ٻُڌايو ته توهان مشهور زاهد حضرت سَيّدُناابُو عبدُالله صَومَعِي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ڏوهٽي عبدالقادر رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي سڃاڻو ٿا؟ مون چيو، اهو ته مان ئي آهيان، اهو ٻُڌي هو بيقرار ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو ته مان بغداد اچي رهيو هيس ته اوهان جي والده ماجده رَحْمَةُ اللهِ عَلَیۡھَا اوهان کي ڏيڻ جي لاءِ مون کي سون جون اٺ اشرفيون ڏنيون هيون، مان هتي بـغداد اچي اوهان کي ڳوليندو رهيس پر اوهان جو ڪنهن پتو نه ڏنو ايتري تائين جو منهنجي تمام رقم خرچ ٿي وئي، مون کي ٽن ڏينهن جو فاقو آهي، مان جڏهن بُک کان بيحال ٿي ويس ۽ جان کان وڃڻ جو خوف ٿيو، ته مان اوهان جي امانت مان هي مانيون ۽ ڀُڳل گوشت خريد ڪيو. حُضُور! اوهان به خوشيءَ سان هن کي تناوُل فرمايو ڇو ته هي اوهان جو ئي مال آهي، پهريان اوهان منهنجا مهمان هئا ۽ هاڻي مان اوهان جو مهمان آهيان. بقايا رقم پيش ڪندي چوڻ لڳو، مان معافيءَ جو طلبگار آهيان. اضطراري حالت ۾ مان اوهان جي رقم مان ئي کاڌو خريد ڪيو هيو“. مان تمام گهڻو خوش ٿيس. مون بچيل کاڌو ۽ وڌيڪ ڪجهه رقم ان کي پيش ڪئي اها هن قبول ڪئي ۽ هليو ويو.  (الذيل علي طبقات الحنابلۃ ۳/۲۵۰)

طلب  کا منہ تو کس قابِل ہے یاغوث

مگر  تیرا  کرم   کامِل   ہے  یاغوث