Book Name:Faizan Rabi-ul-Akhir

اهو ارشادِ پاڪ به لکيل آهي: نفس جي ڪنهن خواهش کي ڇڏڻ 12 مهينن جي روزن ۽ رات جي عبادتن کان وڌيڪ دل جي لاءِ فائديمند آهي.“ (اِحياءُ العلوم،۳/۱۱۸)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد 

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! پيرانِ پير روشن ضمير شيخ عبدُالقادِر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه اهي عظيم ولي آهن جن جي سڄي زندگي الله ڪريم جي عبادت ۽ مخلوقِ خدا جي خدمت ۾ گذري۔ الله ڪريم سندن کي بيشمار خوبين سان نوازيو هو۔ اچو! سرڪارِ بغداد، حضورِ غوثِ پاڪ جي ذات ۾ موجود خوبين جون ڪجھ جھلڪيون ملاحظه ڪيون ٿيون،

 الله ڪريم پيرِ لاثاني، شهبازِ لامڪاني، غوثِ صَمَداني، قطبِ ربّاني، شيخ عبدالقادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي بهترين اخلاق سان نوازيو هو، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ذڪر ۽ فڪر ۾ مشغول رهندا هئا، مخلوقِ خدا جي خير خواهي ڪندا هئا، مهربان، شفيق ۽ مهمان نواز هئا، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه وڏا سخي هئا، سوالي کي خالي هٿ نه موٽائيندا هئا، مسڪينن ۽ غريبن تي بيحد شفقت فرمائيندا هئا، ڪمزورن سان گڏ ويهندا هئا، بيمارن جي عِيادت ڪندا هئا، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ساٿين مان ڪو بارگاھ ۾ حاضر نه ٿيندو هو ته ان جي خبرگِيري ڪندا هئا، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ساڻ رهڻ واري جي عزت ڪندا هئا ۽ ان سان چڱي نموني پيش ايندا هئا، جڏهن ان کي غم جي حالت ۾ ڏسندا ها ته ان جا غم دور ڪندا هئا، سندن جو هر ساٿي اهو ئي سمجھندو هو ته مان ئي سندن وٽ وڌيڪ عزت وارو آهيان، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هر رات دستر خوان وڇائڻ جو حڪم ڏيندا هئا ۽ مهمانن سان گڏ کاڌو کائيندا هئا، جڏهن کيس وٽ ڪو تحفو ايندو هو ته حاضرين ۾ ورهائي ڇڏيندا هئا، تحفو قبول ڪندا هئا ۽ ان جو بدلو عطا فرمائيندا هئا، پنهنجي نفس جي لاءِ ڪاوڙ نه ڪندا هئا۔ (بهجۃ الاسرار، ص ۱۹۹ تا۲۰۱ملتقطاً)، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خاموشي سندن گفتگو کان گھڻي هوندي هئي۔ (قلائد الجواهر،ص۶)، سلام ۾ پهل ڪندا هئا، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪڏهن به اميرن ۽ سردارن جي تعظيم جي لاءِ نه بيهندا هئا ۽ نه ئي وزيرن ۽ بادشاهن جي در تي ويا۔ (قلائد الجواهر، ص۱۹،ملتقطاً)

تِرے دَر سے ہے منگتوں کا گُزارا یا شہِ بغداد                  یہ سُن کر میں نے بھی دامن پَسارا یا شہِ بغداد

شَہا!خَیرات لینے کو سلاطینِ زمانہ نے                             تِرے دَربار میں دامن پَسارا یا شہِ بغداد