Book Name:Wah Kya Baat Gaus e Azam Ki

زمين ڏانهن تشريف کڻي ايندا هئا ۽ اتي ڪيئي ڏينهن گُذاريندا هئا۔ هڪ ڀيري پاڻ اتي بيمار ٿي پيا ته انهن وٽ غَوثِ صَمداني، قُطبِ رَبَّانِي، شَيخ سَيد عَبدُالقَادِر جِيلاني رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه بَغداد کان عيادت جي لاءِ تشريف فرما ٿيا، ائين ٻئي اَولِياءِ ڪرام رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهمَا منهنجي زمين تي گڏ ٿيا، ايستائين جو کجي جا وڻ هئا جيڪي چئن (4) سالن کان خُشڪ هئا ۽ انهن تي ميوو (Fruit) نه لڳندو هو۔ اسان انهن وڻن کي ڪپڻ جو اِرادو ڪيو ته حضرت سَيدُنا شَيخ عَبْدُالقادِر جِيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ان مان هڪ وڻ جي هيٺان وُضُو ڪيو ۽ ٻي جي هيٺان ٻه نَفل ادا ڪيائون۔ ڏسندي ئي ڏسندي ٻئي وڻ ساوا ٿي ويا، انهن جا پن ڦٽڻ شروع ٿيا ۽ انهيء هفتي ۾ انهن کي ميوو لڳي ويو ايستائين جو اهو کجين جو وَقت نه هو۔ مون پنهنجي زمين مان ڪجھ کجيون کڻي پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمت ۾ حاضِر ڪيون، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ان مان کاڌيون ۽ مون کي فرمايائون: الله پاڪ تنهنجي زمين، تنهنجي دِرهم، تنهنجي صاع (مخصوص پيماني) ۽ تنهنجي (جانوَرن جي) کير ۾ بَرَڪت ڏي۔“

   حضرت سَيدُنا شَيخ اِسماعيل بن علي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: منهنجي زمين ۾ ان سال جي مِقدار کان 2 کان 4 ڀيرا وڌيڪ فَصل پيدا ٿيڻ شُروع ٿيو، هاڻي منهنجو حال هي آهي ته جڏهن مان هڪ دِرهم خَرچ ڪندو آهيان ته ان سان مون وٽ ٻه (2) کان ٽي (3) ڀيرا وڌيڪ مال اچي ويندو آهي ۽ جڏهن مان ڪڻڪ جون سو (100) ٻوريون ڪنهن گھر ۾ رکندو آهيان، پوءِ ان مان پنجاھ (50) ٻوريون خَرچ ڪري ڇڏيندو آهيان ۽ باقين کي ڏسندو آهيان ته سو (100) ٻوريون مَوجُود هنديون آهن۔ منهنجا جانور ايتري قَدَر ٻچا ڏين ٿا جو مان انهن جي ڳڻپ وسري ويندو آهيان۔ اهو حال حضرت سَيدُنا شَيخ عَبْدُالقادِر جِيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي بَرَڪت سان اڃا تائين باقِي آهي۔ (بهجةالاسرار، ذڪرفصول من ڪلامه۔۔۔الخ، ص۹۱)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اهي آهن حضور غوث پاڪرَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي مبارڪ وجود جون برڪتون۔ يقيناً اسان اهو سوچينديون هونديون سين ته حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه کي ايتري قدر شان ۽ عظمت ۽ وڏو رتبو ڪيئن نصيب