Book Name:Wah Kya Baat Gaus e Azam Ki

ٿيو، ته ياد رکو! جيڪي انسان پنهنجي زندگي ربِّ ڪريم جي اطاعت ۽ فرمانبرداري ۾ گذارين ٿا، ته الله ڪريم انهن کي پنهنجي حقيقي محبت عطا فرمائيندو آهي ۽ انهن کي ڪيئي ڪرامتن سان نوازيندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو

شانِ غوث ِ پاڪ

٭ اسان جي غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي زندگي جو هر هر لمحو شريعتِ مطهره تي عمل ڪندي گذرندو هو ٭ اسان جا غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه  فرائض و واجبات جي پابندي ڪندا هئا۔ ٭ اسان جي غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه پيدا ٿيندي ئي روزو رکي ورتو هو۔ ٭ اسان جي غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي جڏهن چار يا پنج سال جي عمر ۾ بِسْمِ الله خواني جي رسم ادا ڪئي وئي ته پاڻ تَعَوُّذْ (اَعُوْذُبِالله مِنَ الشَّيطٰنِ الرَّجِيم) ۽ تَسْمِيه (بِسْمِ الله الرَّحْمٰنِ الرَّحِيم) کان پوءِ 18سيپارا زباني ٻڌائي ڇڏيا ۽ فرمايائون: منهنجي امڙ (رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡها) کي به ايترو ئي ياد هو، اهي پڙهنديون هيون ته مون ٻڌي ياد ڪري ورتو۔ ( رساله منّے ڪي لاش،ص۴) ٭ اسان جي غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه 40 سال ((Forty years تائين عشاء جي وضو سان فجر جي نماز ادا فرمائي۔ ٭ اسان جا غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جڏهن بي وضو ٿيندا هئا ته انهيء وقت وضو فرمائي (2) رڪعت نماز نفل پڙھي وٺندا هئا۔ (بهجة الاسرار،ذڪرطريقه،ص۱۶۴) ٭ اسان جا غوثِ پاڪرَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه روزانو هڪ هزار (1000) رَڪعَت نفل ادا ڪندا هئا۔ (غوثِ پاڪ ڪےحالات،ص۳۲) ٭ اسان جي غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي دستِ ڪرامت تي پنج سو (500) کان وڌيڪ غيرمسلمن اسلام قبول ڪيو ۽ هڪ لک کان وڌيڪ ڌاڙيل، چورن، فاسقن ۽ فاجرن، فسادين ۽ وڏن وڏن گناھ ڪرڻ وارن توبه ڪئي۔ (بهجۃالاسرار، ذڪر وعظه، ص ۱۸۴)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

   پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان جي غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه بي شمار خوبين جو مجموع هئڻ سان گڏوگڏ عِبادت ورِياضَت، وِلايت ۽ ڪرَامَت ۾ ته پنهنجو مٽ پاڻ هئا، پڻ پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه زُهد وتَقوٰي ۽ قناعت پسندي ۾ به باڪمَال هئا،