Book Name:Wah Kya Baat Gaus e Azam Ki

نه بلڪ الله وارن کي رَحمتِ الٰهي تي ڀروسو هوندو آهي۔ ياد رکو! مالدارن جي دولت جي سبب انهن جي تعظيم ڪرڻ شرعاً ممنوع آهي، جيئن ته

ٻه ٽهائي دِين هليو ويندو آهي

مَنقُول آهي: جيڪو ڪنهن مالدار جي ان جي مالدار هئڻ جي ڪري خوشامد ڪري، ان جو ٻه ٽهائي (2/3) دِين هليو ويندو آهي۔ (ڪشْفُ الْخِفاء ،۲ / ۲۱۵،رقم: ۲۴۴۲)

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان کي گھرجي ته دنياوي مالدارن جي خوشامد ۽ چاپلوسي ڪرڻ ۽ هر هنڌ انهن جي ڪوڙي واکاڻ ڪرڻ شورع ڪرڻ بدران انهن کي نيڪي جي دعوت ۽ فڪرِ آخرت جو ذهن ڏيون، نيڪي جي دعوت جي برڪت سان الله پاڪ چاهيو ته اسان جي معاشري (Socity) مان بُرائيون ختم ٿيڻ شروع ٿي وينديون، هر پاسي نيڪين جون بهارون اچي وينديون، هر پاسي سُنّتن جون بهارون اچي وينديون، نفرتن جون دِيوارون محبّتن جي فضائن ۾ تبديل ٿيڻ شروع ٿي وينديون، ناراض اسلامي ڀينرون پاڻ ۾ ملي وينديون، رٺل ملي وينديون، گناھ ڪرڻ واريون نيڪيون ڪرڻ واريون بڻجي وينديون، نمازون قضا ڪرڻ واريون نمازن جون پابند بڻجي وينديون، گناهن کي ڦهلائڻ واريون نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ واريون بڻجي وينديون۔

 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

سخاوت ۽  ايثار  

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان جا غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه زهد وتقوي، قناعت پسندي، پرهيزگاري ۽ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ سان گڏوگڏ غَرِيبن، تنگدَستن ۽ حاجت مندن جي مدد ڪرڻ جهڙي وصف ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ هئا، غريبن، تنگدستن ۽ حاجت مندن جي خدمت ڪرڻ جو جَذبو به پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي پاڪيزه ڪردار جو حِصّو هو، پاڻ ڪڏهن ڪنهن سوالي جو سُوَال رَدّ نه فرمائيندا هئا، ڪڏهن ڪنهن حاجت مند کي خالي واپس نه موٽائيندا هئا، بلڪ اهو فرمايو هئائون ته مون سمورن عملن جي تَفتِيش ڪئي، انهن ۾ کاڌو کارائڻ کان اَفضل ڪو عَمَل نه ڏٺو۔ ڪاش! منهنجي هٿ ۾ هجي هان ته بکايلن کي کاڌو کارايان هان۔ (قلائد الجواهر ،ص۳۷)