Book Name:Wah Kya Baat Gaus e Azam Ki

موڪليون ۽ ماڻهو هر طرف کان سندن خدمت ۾ حاضر ٿيا، پاڻ پنهنجي ساٿين کي فرمايو ته هن تمام سامان مان مون پنهنجو حصّو هن گھر وارن کي بخشي ڇڏيو۔ هي ٻڌي اُنهن چيو ته اسان به پنهنجو پنهنجو حصّو بخشي ڇڏيو، اهڙي طرح اهو تمام مال ان پوڙھي، پوڙھيءَ ۽ ڇوڪريءَ کي ڏنو ويو رات جو پاڻ اتي رهيا ۽ صُبح جو روانا ٿيا، (پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جا صاحبزادا فرمائن ٿا) ڪيئي سالن کان پوءِ ان شهر مان منهنجو گُذرڻ ٿيو، ڇا ڏسان ٿو ته هو پوڙھو اتي جي رهواسين ۾ سڀ کان وڌيڪ مالدار آهي۔ ان مون کي چيو ته هي سڀ ڪجھ ان رات جي برڪت آهي، انهن ڍڳين ۽ ٻڪرين ٻچا ڄڻيا ۽ اهي وڏا ٿي ويا، هي انهن مان ئي آهي۔ (بهجۃالاسرار، ذڪر شي من شرائف اخلاقه،ص۱۹۸)

مل گیا مجھ کو غوث کا دامن،فضلِ ربِّ کریم سے روشن                       مِری تقدیر کا ستارہ ہے،واہ کیا بات غوثِ اعظم کی

غوث رَنج و اَلَم مِٹاتے ہیں،اُس کو سِینے سے بھی لگاتے ہیں                              آ گیا جو بھی غم کا مارا ہے واہ کیا بات غوثِ اعظم کی

(وسائلِ بخشش مُرمّم،ص۵۷۷،۵۷۸)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

بيعت بابت ڪجھ مدني گل

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي بيعت بابت ڪجھ اهم مدني گل بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿي: ٭ دنيا ۾ ڪنهن صالح کي پنهنجو امام بنائڻ گھرجي، شَرِيعَت ۾ تقليد ڪري ۽ طريقت ۾ بَيعَت ڪري ته جيئن حَشر چڱن سان گڏ ٿئي۔ (آدابِ مرشد ڪامل،ص۱۳) ٭ ايمان جي حفاظت جو هڪ ذريعو ڪنهن مرشِد ڪامل سان مُريد ٿيڻ به آهي۔ (آداب مرشد ڪامل،ص۱۲) ٭ حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو مُريد بڻجڻ ۾ ايمان جو تحفظ، مرڻ کان پهريان توبه جي توفيق، جهنم کان آزادي ۽ جنت ۾ داخلي جهڙا عظيم فائدا موجود آهن۔ (فڪر مدينه ،ص۱۶۱) ٭ پير اُمورِ آخِرت جي لاءِ بڻايو ويندو آهي ته جيئن ان جي رهنمائي ۽ باطني توجھ جي بَرَڪت سان مُريدياڻي الله ۽ رسول صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ناراضي وارن ڪمن کان بچندي رِضاءِ رَبُّ الانام جي مَدَني