Book Name:Wah Kya Baat Gaus e Azam Ki

بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندَس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين اسلامي ڀينرن جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندَس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندَس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندَس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ واريءَ جي دِل جوئي جي لاءِ آهسته آواز سان جواب ڏيندَس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندَس۔دوران بيان موبائل جي غيرضروري استعمال کان بچندَس،نه بيان ريڪارڊ ڪندَس نه ئي ٻئي ڪنهن قسم جو آواز ڇو ته ان جي اجازت ناهي،جيڪو ڪجهه ٻُدَندَس،ان کي ٻڌي ۽ سمجهي ڪري ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان کي بعد ۾ ٻين تائين پهچائي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندَس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ربِيعُ الآخر جو مهينو جاري ۽ ساري آهي۔ هي اهو مبارڪ مهينو آهي جو جنهن جي 11 تاريخ تي، پيران پير، روشن ضمير، حضرت شيخ عبدُالقادر جيلاني رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جو عرس مبارڪ ملهايو ويندو آهي، جنهن کي عاشقانِ غوثِ اعظم وڏي يارهين شريف به چوندا آهن، انهيء مُناسَبت سان اسان هن مُقَدَّس هستِي جو ذِڪرِ خَير، فضيلتون ۽ ڪرامتون، وصف ۽ مختصر تعارف (Introduction) ٻڌنديون سين، جن کي دُنيا ”غَوثِ اَعظَم“ جي لقب سان سڃاڻندي آهي۔ الله ڪري جو اسان سڄو بيان دلجمعي ۽ سٺين سٺين نيتن سان ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪري وٺون۔

  اچو! سڀ کان پهريان حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي علمي شان جو هڪ ايمان افروز واقعو ٻڌون ٿيون:

عِلم ۽حڪمت جو سمنڊ

   حضرت حافظ ابُو العَبَّاس احمد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا ته مان علّامه ابنِ جوزي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه سان گڏ هڪ دفعي حُضُور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي بيان جي اجتماع ۾ حاضر ٿيس، هڪ قاريءَ قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪئي، تلاوت کان پوءِ حُضُور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه وعظ جي شروعات ڪئي ۽ تلاوت ڪيل آياتِ مُبارَڪه مان