Book Name:Wah Kya Baat Gaus e Azam Ki

حَسَني (۽ والده ماجِده جي طرفان حُسيني سَيد) آهن۔ ٭ سرڪارِ بغداد سيد عبْدُالقادرجِيلاني جا والدِ سڳورا حضرت سَيدُنا ابُوصالح مُوسيٰ جنگي دوست رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه پنهنجي وَقت جي مشهور ولين سڳورن مان هئا۔ (غوث پاک کے حالات،ص۱۵)

اَميرِاَهلسُنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه خاندان غوثِ پاڪ جي شان و عظمت بيان ڪندي لکن ٿا:

مُکَرَّم شہا تیرے سارے کے سارے                                ہیں آباء و اَجداد یا غوثِ اعظم

 

   شعر جي مختصروضاحت: اي غوثِ اعظمرَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه اوهان جي خاندان ۽ آباء و اجداد جي ته ڇا ڳالھ ڪجي اهي ته سڀ جا سڀ عزت ۽ عظمت وارا آهن۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! عام طور ٻار جڏهن ماءُ جي پيٽ ۾ هوندو آهي ته اهو دُنيا ۽ دُنيا ۾ جيڪو ڪجھ به آهي، ان سان بلڪل بي خبر هوندو آهي، پوءِ جڏهن دُنيا ۾ اچي ويندو آهي تڏهن به ان کي هوش سنڀالڻ ۾ هڪ ڊگھو عرصو درڪار هوندو آهي، پر قربان وڃون! سردارِ اَولِياء، حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي ذاتِ با برڪات تان جو پاڻ نه صرف ننڍپڻ ۾ بلڪه جڏهن اوهان جي اڃا وِلادت نه ٿي هئي، تڏهن به سندن جو حال سڀني کان جدا هو۔ پاڻ ننڍپڻ کان ئي صاحبِ ڪرامت هئا، بلڪ ان دُنيا ۾ جلوه گري کان پهريان ۽ ولادت کان پوءِ پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه سان ڪيئي ڪرامتون ظاهر ٿيون،

ننڍپڻ جون ڪرامتون

      پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه رَمَضَانُ المُبارَڪ جي پهرين تاريخ تي سومر جي ڏينهن صبحِ صادِق جي وَقت دُنيا ۾ جَلوه گَر ٿيا، ان وَقت چپ آهسته آٓهسته حَرڪت ڪري رهيا هئا ۽ الله الله جو آواز اچي رهيو هو۔ (منے کی لاش ، ص۳)

رونقِ کل اولیا یاغوثِ اعظم دَسْتْگِیر

پیشوائے اَصفیا یاغوثِ اعظم دَسْتْگِیر