Book Name:Wah Kya Baat Gaus e Azam Ki

رهيا۔ (بهجة الاسرار، ذڪر فصول من ڪلامه… الخ، ص۱۱۸ ملخصاً )

      هلندڙ زماني ۾ اسان غوث پاڪ جي محبت جي دعوٰي ڪندڙ پنهنجي حالت تي غور ڪريون ته اسان کي افسوس سان زباني نه بلڪه ڏسي ڪري دُرست قرآنِ ڪريم پڙھڻ به شايد ايندو هجي؟ دنياوي تعليم ۾ ته مهارت حاصل ڪنديون پيون وڃون، وڌ کان وڌ ڪورس ڪرڻ جو شوق هوندو آهي پر افسوس قرآنِ ڪريم سکڻ جو شوق ناهي۔ اهڙي طرح شروع ۾ موبائل هلائڻ به نه ايندو هو، پر پڇا ڳاڇا ڪري اهو به سکي ورتو ۽ ڪنهن کان پڇڻ ۾ ڪو شرم به نه آيو۔ اهڙي طرح انگلش ڳالهائڻ جو مثال وٺو، اسان وٽ ڪا به انگريزي سکي پيدا ناهي ٿيندي، مادري زبان ڪا ٻي هوندي آهي پر جڏهن انگلش سکي ورتي ته فرفر ڳالهائڻ به اچي ويو، بلڪ هاڻي ته اولاد کي ايتري انگلش سيکارينديون آهن جو اهي انگريزن کي به اِنگلش پڙھائي سگھن، پر قرآنِ ڪريم ايترو به ناهن پڙهائينديون جو جنهن سان اهي پنهنجي نماز دُرست ڪري سگھن۔

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان کي گھرجي ته نه صرف پاڻ تلاوتِ قرآن جي عادت (Habit) بڻايون، بلڪ پنهنجي گھر وارن، ۽ ٻين اسلامي ڀينرن کي به تلاوت قرآن ڪرڻ جي دعوت ڏيون، ۽ صرف پڙھون نه بلڪ قرآنِ پاڪ کي سمجھون به، هن ۾ ڇا آهي ۽ اسان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟ اهو به اسان کي معلوم هئڻ گھرجي ۽ ان جي لاءِ قرآنِ پاڪ کي تفسير سان گڏ پڙھڻ ئي فائدي مند آهي۔

”تفسير صراط الجنان“جو تعارف ۽ خوبيون

اچو تفسير صِراطُ الْجِنَان جون ڪجهه خوبيون ٻڌون ٿيون: (1) تفسير صِراطُ الجنان ۾ هر آيت جا 2 ترجما ڏنا ويا آهن، هڪ اعليٰ حضرت مولانا شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي ڪنزالايمان مان، ٻيو ترجمو آسان اُردو ۾ ڪنزُ العرفان جي نالي سان ڏنو ويو آهي۔ جيڪو ڪنزالايمان مان ئي آسان اردو ۾ ترتيب ڏنو ويو آهي. (2) تفسيرصِراطُ الجنان ۾، تفسير خزائنُ العرفان ۽ تفسير نورُالعرفان جو فيضان آهي، تفسير خزائنُ العرفان، خليفه اعليٰ حضرت، صدرُالافاضل سيد، حافظ، حڪيم مُفتي نعيمُ الدّين مُراد آبادي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جو ۽ تفسير نورُالعرفان سندن مشهور خليفي، مُفسر، حڪيمُ الامّت مفتي