Book Name:Wah Kya Baat Gaus e Azam Ki

شَيخ عبدُالله جبائي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه بيان ڪن ٿا ته هڪ ڀيري حُضُورغو ثِ پاڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه مون کي ارشاد فرمايو ته منهنجي ويجهو بکايلن کي کاڌو کارائڻ ۽ ماڻهن سان حُسنِ اخلاق سان پيش اچڻ ڪامل ۽ وڌيڪ فضيلت وارا عمل آهن۔ پوءِ ارشاد فرمايائون: منهنجي هٿ ۾ پيسو ناهي رڪندو، جيڪڏهن صُبح جو مون وٽ هزار (1000) دينار اچن ته شام تائين انهن مان هڪ پيسو به نه بچندو جو غريبن ۽ مُحتاجن ۾ ورهائي ڇڏيان ۽ بکايل ماڻهن کي کاڌو کارائي ڇڏيان۔ (قلائدالجواهر ،ص۸ ملخصاً)

تِرے در سے ہے منگتوں کا گزارا یاشہِ بغداد                    یہ سُن کر میں نے بھی دامن پسارا یاشہِ بغداد

مِری قسمت کا چمکا دو ستارہ یاشہِ بغداد                               دِکھا دو اپنا چہرہ پیارا پیارا یاشہِ بغداد

غمِ شاہِ مدینہ مجھ کو تم ایسا عطا کر دو                                   جگر ٹکڑے ہو دل بھی پارہ پارہ یاشہِ بغداد

مجھے اچھا بنا دو مُرشِدی بے شک یقیناً ہیں                                                                          مِرے حالات تم پر آشکارا یاشہِ بغداد

اچو! حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي سخاوت ۽ غريبن جي مدد بابت هڪ نهايت ئي پيارو واقعو ٻڌون ٿيون،

هي سڀ ان رات جي برڪت آهي

پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي صاحبزادي حضرت شيخ سيد عبدالرزاق قادري رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جو بيان آهي ته جڏهن منهنجا والد صاحب مشهور ٿي ويا ته سندن صرف هڪ دفعي حج ڪيو، ان حج جي آمدورفت ۾ مان سندن سواري جي واڳ پڪڙيندو هئس جڏهن اسان بغداد جي ڏکڻ واري پاسي ۾ موجود شهر ۾ پهتاسين ته پاڻ فرمايائون ته هتي سڀ کان غريب گھر جي تلاش ڪريو، ان ڪري اسان هڪ ويرانو ڏٺو جنهن ۾ پشم (اُون) جو هڪ خيمو هو، ان ۾ هڪ پوڙھو، هڪ پوڙهي ۽ هڪ ڇوڪِري هئي۔ پاڻ ان پُوڙھيءَ کان اجازت ورتي ۽ ساٿين سان گڏ ان وِيراني ۾ ترسيا، ان شهر جا مشائخ ۽ رئيس ۽ امير سندن خدمت ۾ آيا ۽ درخواست ڪئي ته اوهان اسان جي غريب خانن ۾ يا ڪنهن ٻي سٺي گھر ۾ هلو پر پاڻ منظور نه ڪيائون۔ شهر جي حاڪم سندن لاءِ ڪافي ڳئون ٻڪريون، کاڌو، سون، چاندي ۽ سامان موڪليو ۽ سفر جي لاءِ سواريون