Book Name:Wah Kya Baat Gaus e Azam Ki

وَالـسَّلَام کان اعلانِ نبوت ڪرڻ کان پهريان ظاهر ٿيون هجن ته اِرهاص ۽ اعلانِ نبوّت کان پوءِ ظاهر ٿيون هجن ته معجزو چورائينديون آهن ۽ جيڪڏهن عام مؤمن کان اهڙين شين جو ظهور ٿئي ته ان کي مَعُونَت چوندا آهن ۽ ڪنهن ڪافر کان ڪڏهن ان جي خواهش جي مطابق هن قسم جي شيءِ ظاهر ٿي وڃي ته ان کي اِسۡتِدرَاج چيو ويندو آهي. (النبراس شرح شرح العقائد ،اقسام الخوارق سبعۃ ، ص۲۷۲ ملخصاً)

حضرت علّامه مَولانا مُفتي امجَد عَلي اَعظَمي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا ته ڪرامتِ اولياء حق آهي، ان جو منڪر گمراهه آهي. (بهارِ شريعت، حصه اول، ج 1، ص. 269) ڪرامت جون تمام گهڻيون قسمون آهن مثلًا مردن کي زنده ڪرڻ، انڌن ۽ ڪَوڙهِين کي شفا ڏيڻ، وڏي سفر ڪرڻ وارن رستن کي لمحي ۾ طئي ڪري ڇڏڻ، پاڻيءَ تي هلڻ، هوائن ۾ اُڏرڻ، دل جي ڳالهه ڄاڻي وڃڻ ۽ پري وارين شين کي ڏسي ڇڏڻ وغيره وغيره

   پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اوهان ٻڌو ته ڪرامت جون ڪيئي قسمون ٿينديون آهن، پر حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه تي اهو ربِّ ڪريم جو خاص فضل وڪرم ۽ احسان هو جو الله پاڪ سندن کي ٻين اولياء ڪرام کان وڌيڪ ڪرامتون عطا ڪيون هيون، پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه الله پاڪ جي عطا سان ڪڏهن مُردن کي زنده ڪندا آهن ته ڪڏهن انڌن (Blinds) کي اکيون عطا ڪندا آهن۔ ڪڏهن ڪوڙھ مرض وارن کي شفاء ڏيندا هئا ته ڪڏهن بيمارن ۽ پريشان حالن جي مدد ڪندا هئا۔ ڪڏهن پري کان مدد جي لاءِ سڏڻ وارن جي مدد ڪندا هئا ته ڪڏهن حاجت مندن جي حاجت پوري ڪندا هئا۔ ڪڏهن ڪنهن جي دل ۾ اچڻ وارن خيالن بابت خبر پوندي هئي ته ڪڏهن پنهنجي بارگاھ ۾ ايندڙن جي مشڪلاتن کي پري ڪندا هئا۔ ڪڏهن چورن ۽ ڌاڙيلن تي نگاھِ ڪرم وجھي نيڪ بڻائيندا هئا ته ڪڏهن فاسق ۽ فاجر ماڻهن کي پنهنجي نگاھِ ولايت سان ربِّ ڪريم جو محبوب ٻانهو بڻائيندا هئا۔ اچو! پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جون ڪجھ ڪرامتون ٻڌون ٿيون: جيئن

غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ  عَلَيْه جي دُعا جي بَرَڪت

      حضرت سَيدُنا شَيخ اِسماعيل بن علي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا ته حضرت سَيدُنا شَيخ علي بن هيتمي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جڏهن بيمار ٿيندا هئا ته ڪڏهن ڪڏهن منهنجي