Book Name:Wah Kya Baat Gaus e Azam Ki

احمد يارخان نعيمي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جو آهي، (3) تفسير صِراطُ الجنان نه وڌيڪ ڊگھو آهي نه ئي نهايت مختصر، بلڪه متوسط ۽ جامع آهي۔ (5) تفسير صِراطُ الجنان ۾ وس آهر آسان انداز اختيار ڪيو ويو آهي ته جيئن عام اسلامي ڀائر ۽ اسلامي ڀينرون به هن مان فائدو حاصل ڪري سگھن۔ (5) تفسير صِراطُ الجنان ۾ اعمال جي اِصلاح جي لاءِ نيون پيدا ٿيندڙ مُعاشرتي بُرائين جو به رد ڪيو ويو آهي۔ (6) تفسير صِراطُ الجنان ۾ باطني بيمارين جي باري ۾ به تفصيل سان ڪلام ڪيو ويو آهي۔ (7) تفسير صِراطُ الجنان ۾ والدين، رِشتيدارن، يتيمن، پاڙيسرين وغيره سان سٺو سلوڪ ڪرڻ ۽ صِله رحمي ڪرڻ جي باري ۾ به اِصلاحي مواد موجود آهي۔ (8) تفسير صِراطُ الجنان ۾ عقائدِ اهلسنّت ۽ معمولاتِ اهلسنّت کي دلائل سان پيش ڪيو ويو آهي۔ (9) تفسير صِراطُ الجنان ۾ موقعي جي مناسبت سان حضورِ پُرنور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۽ صحابه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ ۽ اولياءِ عِظام جي سِيرت ۽ واقعا به ذِڪر ڪيا ويا آهن۔ (10) تفسير صِراطُ الجنان ۾ آيتن مان حاصل ٿيندڙ فائدا به آسان ۽ سادي انداز ۾ بيان ڪيا ويا آهن۔

اچو هاڻي! غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه  جو مختصر تعارف ٻڌون ٿيون:

مختصر تعارف

     ٭ حضورغَوْثِ اعْظَمْ، شيخ سيد عبْدُالقادرجِيلانيرَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جن جي ولادت باسعادت پهرين رمضان سن 470 هجري تي جيلان ۾ ٿي۔ (بهجۃ الاسرار، ص۱۸۱)  ٭غوث الوريٰ سيد عبْدُالقادر جِيلاني رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جو نالو مبارڪ عبدُالقادر ۽ ڪنيت ابُومحمد آهي۔ ٭ مُحِي الدِّين، مَحْبُوبِ سُبْحاني، غَوْثِ اعظم ۽ غَوثُ الثَقَلَين وغيره لقب آهن. ٭ شهنشاھ بغداد، سيد عبدُالقادر جِيلاني رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه اهلِ بيت يعني سادات گھراڻي ۾ پيدا ٿيا۔ ٭ پير پيران سيد عبدُالقادر جِيلاني رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جو خاندان زُهد وتَقويٰ جي ڪري گھڻو مشهور (Famous) هو۔ ٭ شاھِ جيلان سيد عبدُالقادر جِيلاني جي والده جو نالو ”سَيده فاطمه“ ۽ ڪنيت”اُمُّ الْخَير“ آهي۔ (سيرتِ غوث اعظم،ص۲۷ملخصاً) ٭ محبوبِ سبحاني سيد عبدُالقادر جِيلاني جي والد محترم جو نالو مبارڪ ”سيد موسيٰ“ ڪنيت ”ابُوصالح“ جڏهن ته لقب”جنگي دوست“ آهي۔ ٭ حُضُورغوثِ پاڪ سيد عبدُالقادرجِيلاني رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه والد جي نِسبَت سان