Book Name:Wah Kya Baat Gaus e Azam Ki

آپ ہیں پیروں کے پیر اور آپ ہیں روشن ضمیر

آپ    شاہِ   اَتقیا    یاغوثِ اعظم     دَسْتْگِیر

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! يقيناً اهو ربِّ ڪريم جو فضل ۽ احسان هو ته ان پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه کي ننڍپڻ ۾ ئي کوڙ ڪرامتن سان نوازيو هو، پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي شان وعظمت ۽ ڪرامتن جي باري ۾ حضرت شيخ عبْدُ الحق مُحَدِّث دهلوي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا:

موتين جي لڙهي

مشائخِ اولياءَ مان ڪو به ڪرامتن جي لحاظ کان پاڻ (غوث اعظم رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه) جي هم مقابل نه هيو. ايتري تائين جو ڪجهه مشائخن فرمايو ته پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جن جي ڪرامتن جو حال ته موتين جي لڙهي جهڙو آهي جڏهن ٽُٽَندي آهي ته هڪ کان پوءِ ٻيو موتي ڪرڻ لڳندو آهي پڻ پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جن جي ڪرامتن جو تعداد شمار کان ٻاهر آهي. (اشعۃ اللمعات،ڪتاب الفتن،باب الڪرامات، ۴/۶۱۰ مفهوماً)

حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي ذاتِ بابرڪت ته ڪرامتن ۽ ڪمالات جو مجموعو آهي، صرف سندن جي مُبارڪ نالي جي اها برڪت آهي ته جتي پُڪاريو وڃي، مُوذِي جانورن کان ڇوٽڪارو ملي ويندو آهي۔

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ٿورو سوچيو ته جڏهن حضور غوثِ پاڪرَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي نالي جي اها برڪت ۽ عظمت ۽ ڪرامت آهي ته درندا غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جو نالو ٻڌي حملو نٿا ڪن، مُوذي جانور تڪليف نٿا پهچائن، ته پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي ذات ڪيتري باڪرامت ۽ بلند رتبو هوندي۔ ڪرامت ڇا کي چئبو آهي، اچو! ڪرامت جي تعريف ٻڌون ٿيون:

ڪرامت جي تعريف ۽ ان جو حڪم      

دعوتِ اسلامي جي مڪتبة المدينه جي ڪتاب ”ڪراماتِ صحابه“ جي صفحي 36 تي آهي ته مومن متّقيءَ کان جيڪڏهن ڪا اهڙي نادرُالوجود ۽ تعجب خيز شيء صادر ۽ ظاهر ٿي وڃي جيڪا عام طور تي عادتًا ناهي ٿي سگهندي ته ان کي ڪرامت چوندا آهن. اهڙي قسم جون شيون جيڪڏهن انبياء عَـلَيْـهِمُ الـصَّلٰوة ُ