Isteqmat Kamyabi Ka Raaz Hai

Book Name:Isteqmat Kamyabi Ka Raaz Hai

ڪريو: (1) فرمايائون: قناعت ڪڏهن نه خَتم ٿيڻ وارو خزانو آهي۔ (الزھد للبيھقي،الجزء الاول من ڪتاب…الخ،ص۸۸،حديث:۱۰۴) (2) ارشاد فرمايائون: بيشڪ ڪامياب ٿي ويو اهو شخص جيڪو اِسلام کڻِي آيو ۽ ان کي بَقَدرِ ڪفايت رِزق ڏنو ويو ۽ الله پاڪ ان کي جيڪو ڪجھ ڏنو ان تي قناعت به عطا فرمائي۔ (مسلم، ڪتاب الزڪاة، باب في الڪفاف والقناعة، ص۴۰۶، حديث:۲۴۲۶) ٭ انسان کي جيڪو ڪجھ الله پاڪ جي طرفان ملي وڃي ان تي راضي ٿي زندگي گذاريندي حرص ۽ لالچ کي ڇڏي ڏيڻ کي قناعت چوندا آهن۔ (جنتي زيور،ص۱۳۶بتغير قليل) ٭ روزمرّه اِستِعمال ٿيڻ وارين شين جي نه هئڻ تي به راضي رهڻ قناعت آهي۔ (التعريفات للجرجاني،باب القاف،تحت اللفظ: القناعة،ص۱۲۶) ٭ لالچ نهايت ئي بُري خَصْلَت ۽ نِهايت خراب عادت آهي، الله پاڪ جي طرفان ٻانهي کي جيڪو رِزق ۽ نعمت ۽ مال ۽ دَولت يا جاه (يعني عزّت) ۽ مَرتَبو مليو آهي، ان تي راضي ٿي قناعت ڪرڻ گھرجي۔ (جنتي زيور،۱۱۰ملخصا) ٭ بلعم بن باعوراء جيڪو تمام وڏو عالم ۽ مستجاب الدعوات هو، حرص ۽ لالچ ان کي دنيا ۽ آخرت ۾ تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو۔ (ملفوظاتِ اعليٰ حضرت، ص۳۶۷ ماخوذا) ٭ الله پاڪ فرمائي ٿو: اهو شخص منهنجي ويجھو سڀ کان وڌيڪ مالدار آهي جيڪو منهنجي ڏنل شيء تي سڀ کان وڌيڪ قناعت ڪرڻ وارو آهي۔ (ابنِ عساڪر ،رقم ۷۷۴۰، موسيٰ بن عمران ،۶۱/ ۱۳۹ ملخصا)

٭ قناعت اپنائڻ لاءِ احاديثِ ۽ بزرگانِ دين جي اقوالن جو مطالعو ڪيو. ٭ الله پاڪ تي مضبوط يقين رکو ۽ هن ڳالھ کي دل ۾ سمائي ڇڏيو ته منهنجو سمورو حال الله پاڪ ڄاڻي ٿو. ٭ آخرت جي حساب کان پاڻ کي ڊيڄاريو ۽ پنهنجي تنگ حالت کي آخرت لاءِ بهتر بنائڻ جي ارادي سان صبر اختيار ڪيو. ٭ اهڙن ماڻهن جي صحبت اختيار ڪيو جيڪي قناعت پسند هجن ۽ هرحال ۾ الله پاڪ جو شڪر ادا ڪرڻ وارا هجن. ٭ مال ۽ دولت جي حرص ختم ڪيو، هن لاءِ دنيا جي فنا ٿيڻ ۽ آخرت ۾ هميشہ باقي رهڻ وارين نعمتن جي ملڻ کي ذهن ۾ رکو. ٭ الله پاڪ سان دعا به ڪيو ته هرحال ۾ خوش رهڻ ۽ صبر ۽ شڪر ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.