Isteqmat Kamyabi Ka Raaz Hai

Book Name:Isteqmat Kamyabi Ka Raaz Hai

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب!                                                صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان حضرت سُمَيه رَضِىَ اللهُ عَنْهَا جي ايمان تي استقامت جو واقعو ٻڌو جنهن سان اسان جو به نيڪ عملن تي استقامت، راھ خدا ۾ ايندڙ آزمائشن، مصيبتن ۽ تڪليفن جي باجود صبرو استقامت تي قائم رهڻ ۽ ايمان تي ثابت قدم رهڻ جو ذهن بڻيو هوندو پر اسان ڪجھ ڏينهن نيڪ عمل ڪري وري پري ٿي وينديون آهيون، اسان کي انهن عملن تي استقامت حاصل ناهي ٿيندي، آخر اهي ڪهڙيون شيون آهن جيڪي هن راھ ۾ رڪاوٽون آهن، اچو! انهن شين جي باري ۾ ٻڌون ٿيون۔

استقامت جي راھه ۾ رڪاوٽون

      ياد رکو! ائين ته ايمان ۽ عمل تي ثابت قدمي(استقامت) سان رڪاوٽ بڻجڻ واريون ڪيئي شيون آهن۔ مثال طور (1) علمِ دين جو نه هئڻ۔  (2) زبان جي حفاظت نه ڪرڻ۔ (3) گناهن جي ذريعي پنهنجي جانن تي ظلم ڪرڻ۔ (4) بري سهيلين جي صحبت اختيار ڪرڻ۔ (5) نفساني خواهشن جي لذت حاصل ڪرڻ جي حرص ٿيڻ۔ (6) مصيبتن ۽ تڪليفن ۽ آزمائشن تي صبر نه ڪرڻ۔ (7) الله پاڪ جي رحمت کان مايوس ٿيڻ۔ (8) ڊگھيون اميدون رکڻ۔ (9) ۽ استقامت جي راھ ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ دنياوي محبّت آهي۔ (تفسير صراط الجنان ،پ۱۲،هود،تحت الآية:۱۱۲،۴/۵۰۶ بتغير)

  ڇوته دنيا جي محبت ۾ گرفتار ٿي انسان آخرت کي وساري ڇڏيندو آهي، دنيا جي محبت ۾ انسان گناهن جي دلدل ۾ ڪرندو ويندو آهي، دنيا جي محبت ۾ مبتلا ٿي انسان حلال ۽ حرام ۾ تميز ڪرڻ ڇڏي ڏيندو آهي، دنيا جي مَحَبَّت ۽ ان جي فريب ۾ اچي انسان پنهنجي ربِّ ڪريم جي نافرماني ڪندو آهي، دنيا جي محبت تمام گناهن جو بنياد آهي، جيڪا اسلامي ڀيڻ دنيا جي محبّت ۾ مبتلا ٿي ويندي آهي اها پنهنجي آخرت کي وساري ڇڏيندي آهي، اچو!