Isteqmat Kamyabi Ka Raaz Hai

Book Name:Isteqmat Kamyabi Ka Raaz Hai

ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندَس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندَس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ واريءَ جي دِل جوئي جي لاءِ آهسته آواز سان جواب ڏيندَس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندَس۔دوران بيان موبائل جي غيرضروري استعمال کان بچندَس،نه بيان ريڪارڊ ڪندَس نه ئي ٻئي ڪنهن قسم جو آواز ڇو ته ان جي اجازت ناهي،جيڪو ڪجهه ٻُدَندَس،ان کي ٻڌي ۽ سمجهي ڪري ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان کي بعد ۾ ٻين تائين پهچائي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندَس.

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ڪاميابي اهڙي منزل آهي جنهن جي خواهش هر اسلامي ڀيڻ جي دل ۾ هوندي آهي، دُنياوي مُعاملا هجن يا آخرت جا مُعاملا، مطلب ته! هر هڪ زندگي جي هر موڙ تي ڪامياب ٿيڻ چاهي ٿي ۽ اها سوچيندي آهي ته ڪاميابي ان جا قدم چمي، ڪڏهن به نا ڪامي ان جو مقدر نه بڻجي۔ ياد رکو! ڪنهن به مَقصد ۾ ڪاميابي جي لاءِ اِستقامت حاصل ڪرڻ ضروري آهي، اڄ جي بيان ۾ اسان اِستقامت ڇا آهي؟ ڪاميابي جي لاءِ اِستقامت ڇو ضروري آهي؟ اِستقامت حاصل ڪرڻ جا فَائدا، قُرآنِ ڪريم ۽ حديث سڳورين ۾ اِستقامت حاصل ڪرڻ جا طريقا، الله وارن جي اِستقامت جا واقعا ۽ اِستقامت جي راھ ۾ حائل ٿيڻ وارين رڪاوٽن بابت ٻڌنديون سين، الله پاڪ اسان کي سڄو بيان سٺين سٺين نيتن ۽ مڪمل توجھ سان ٻڌڻ نصيب فرمائي۔ آمِينْ بِجَاه النَّبِي الْاَمِينْ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

       اچو! سڀ کان پهريان هڪ واقعو ٻڌون ٿيون، جيئن

هڪ جان ڇا، جي هجن ها هزارين

      صحابي رسول، حضرت عبدُ الله بن حُذافَه رَضِىَ اللهُ عَنْه کي غيرمسلم رومين