Book Name:Isteqmat Kamyabi Ka Raaz Hai
تهجد جي نماز قضا ڪانه ٿئي. پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه سڄي رات نفل پڙهندا ها ۽ صبح روئي روئي اها دعا فرمائيندا ها ته اي الله پاڪ جيڪڏهن تون پنهنجي ڪنهن ٻانهي کي قبر ۾ نماز پڙهڻ جي اجازت ڏئين ته مونکي ضرور اجازت ڏجانءِ ته مان پنهنجي قبر ۾ نماز پڙهندو رهان. پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه سڄي رات نفل پڙهڻ کان علاوه روزانو سڄو قرآن پاڪ ختم ڪندا ها ۽ هميشہ روزيدار رهندا ها.
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان استقامت جي حوالي سان بيان ٻڌي رهيون هيون سين، جهڙي طرح اسان جا بزرگ سڳورا راھِ خدا ۾ پيش ايندڙ مصيبتن ۽ تڪليفن جي باوجود صبر ۽ استقامت جا پيڪر بڻيل رهيا، اهڙي طرح صحابيات ۽ خواتينِ اسلام به هن راھ ۾ ڪيئي اذيتن کي برداشت ڪيو، پنهنجو گھر لُٽائي ڇڏيو، رت جي رشتن کي خوشي خوشي موت جي حوالي ڪري ڇڏيو، پنهنجي اباڻي سرزمين کي ڇڏي پري وڃي ڪٿي رهڻو پيو ته رهيا پر تڏهن به انهن جا حَوصَلا ڪڏهن پَست نه ٿيا، انهن کي تتل وارِيءَ تي ليٽايو ويو، ٽهڪندڙ ڪوئلن تي وڇايو ويو، لوهي لِباس پارائي سج جي گرمي ذريعي تڙپايو ويو، انهن جي ٻارن ۽ گھروارن کي نظرن جي سامهون سولي تي لٽڪايو ويو، پر پوءِ به انهن جي استقامت ۾ ڪو فرق نه آيو، اچو! ترغيب جي لاءِ هڪ واقعو ٻڌون ٿيون: جيئن
مڪتبةُ المدينه جي رسالي ” صحابیات اوردِین کی خاطرقربانیاں “ جي صفحي 2 تي آهي: رسولِ اَڪرم، شاه ِبني آدم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جڏهن حضرتِ سُـمَيه رَضِىَ اللهُ عَنْها کي پنهنجي پٽ حضرتِ عمّاررَضِىَ اللهُ عَنْه ۽ مڙس حضرتِ ياسِر رَضِىَ اللهُ عَنْه سميت مڪي پاڪ جي تتل واريءَ تي ايذاء ڏيندي ڏسندا ها ته فرمائينداها: صَبْرًا يا آلَ ياسِرِ يعني اي آلِ ياسِر! صَبر ڪريو! مَوْعِدُکُمُ الْجَنَّة توهان جي لاءِ جنّت جو واعدو آهي۔ مڪي وارن خاص ڪري اسلام جي دشمن ابوجهل ڪهڙو سِتَم هو