Isteqmat Kamyabi Ka Raaz Hai

Book Name:Isteqmat Kamyabi Ka Raaz Hai

ڀيڻ ڪڏهن ناڪام ناهي ٿيندي۔ استقامت ماڻڻ واري اسلامي ڀيڻ پنهنجي مَحبوب شيء جي قرباني ڏيڻ ۾ به پوئتي ناهي رهندي۔ استقامت ماڻڻ واري اسلامي ڀيڻ پنهنجي پسنديده شين کي لٽائي به وفادار رهندي آهي، استقامت ماڻڻ واري اسلامي ڀيڻ حالات ڏسي گهٻرائيندي ناهي، استقامت ماڻڻ واري اسلامي ڀيڻ تڪليفن جي طوفانن ۾ وڪوڙجي ڪِرندي ناهي۔ تنهنڪري اسان کي گھرجي ته راھِ حق کي اپنائڻ ۽ ان تي ثابت قدم رهڻ جي ڪوشش ڪريون، ڇوته اها ئي ٻنهي جهانن ۾ ڪاميابي جو ذريعو آهي۔ اچو! استقامت جو ذهن ٺاهن لاءِ ان جي فضيلت جي متعلق ٻه فرمانِ مصطفٰي ٻڌون ٿيون:

استقامت جون فضيلتون

   ارشاد فرمايائون: توهان کان پوءِ صبر جو زمانو ايندو جيڪو شخص ان زماني ۾ دين سان مضبوطي سان چنبڙيل رهندو ان کي توهان مان پنجاھ شهيدن جي برابر اجر ۽ ثواب ملندو۔ (ڪنزالعمال،ڪتاب الفتن والاھواء،باب الفتن والهرج، جز۱۱،۶/۵۳، حديث:۳۰۸۴۸ )

   حضرت سفيان بن عبدالله رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي: مون نبي رحمت، شفيع امّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ عرض ڪيو: مون کي اسلام جي ڪا اهڙي جامع ڳالھ ٻڌائي ڇڏيو جو پوءِ مون کي ڪنهن ٻي کان ان جي باري ۾ سوال ڪرڻ جي ضرورت نه رهي۔ ته نبي اڪرم، نورِمجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: قُل ْ آمَنْتُ بِاللّٰه ثُمَّ اسْتَقِمْ يعني چئو ته مان الله تي ايمان آندو پوءِ ان تي ثابت قدم رهو۔ (مسلم، ڪتاب الايمان، باب جامع أوصاف الاسلام،ص۴۶، حديث:۱۵۹)

    پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ”ايمان“ ۽ ”استقامت“ هڪ ئي حقيقت جون ٻه مختلف تعبيرون آهن۔ ڇوته ايمان دعويٰ آهي ته استقامت ان تي دليل آهي۔ ايمان ربِّ ڪريم جي وحدانيت جو اقرار آهي ته استقامت ان جو مظهر آهي۔ ايمان ربِّ ڪريم جي بندگي جو نالو آهي ته اِستقامت ان جي حقيقي تعبير۔ تنهنڪري اسان کي گھرجي ته هر نيڪ ڪم ۾ استقامت حاصل ڪرڻ جي