Book Name:Isteqmat Kamyabi Ka Raaz Hai
ڪوڙا هنيا ويا ته ڪڏهن ڪيئي ڪيئي ڏينهن تائين بکايل رکيو ويندو هو، ڪڏهن ته تپندڙ واريءَ تي ليٽائي جسم تي وزني پٿر رکيا ويندا هئا ته ڪڏهن پيرن ۾ زنجيرون وڌيون وينديون هيون، ڪڏهن ڳچيءَ ۾ رسي وجھي ڇڪيو ويندو هو ته ڪڏهن پيرن کان ٿُڏا هنيا ويندا هئا، ڪڏهن سوليءَ تي چاڙهيو ويندو هو ته ڪڏهن ٽهڪندڙ تيل ۾ وڌو ويندو هو، پر پوءِ به اهي الله وارا ايمان ۽ محبّتِ رسول ۾ ثابت قدم رهيا۔
اچو! استقامتِ دين جي درد ڀري داستان ٻڌون ٿيون: جيئن منقول آهي ته هڪ ڀيري اَمِيرُالمُؤمِنِين حضرت عمررَضِىَ اللهُ عَنْه جي نظر حضرتِ خَباب رَضِىَ اللهُ عَنْه جي پٺي تي پئي، پاڻ ڏٺائون ته سڄي پٺيءَ تي سفيد سفيد زخمن جا نشان آهن۔ ته حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنْه پڇيو: اي خباب! اهي توهان جي پٺي تي زخمن جا نشان ڇا جا آهن؟ ته پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه جواب ڏنائون: اي اَمِيرُالمَومِنِين اوهان کي انهن زخمن جي ڪهڙي خبر؟ هي ان وقت جو داستان آهي جڏهن اوهان اگھاڙي تلوار کڻي حضور رحمة للعالمينصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي شهيد ڪرڻ لاءِ ڊڪندا وتندا هئا۔ ان وقت اسان محبّتِ رسول جو ڏيئو پنهنجي دل ۾ ٻاريو هو ۽ مسلمان ٿياسين۔ ان وقت غير مسلمن مون کي باھ جي ٻرندڙ ڪوئلن تي پٺيءَ ڀر ليٽائي ڇڏيو، منهنجي پٺي تان ايتري چرٻي ڳري جو ڪوئلا وسامي ويا ۽ مان ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيهوش رهيس، پر ربِّ ڪريم جو قسم! جڏهن مون کي هوش آيو ته سڀ کان پهريان زبان مان ڪلمو ”لَا اِلٰه اِلَّا اللّٰه مُحَمَّدٌ رَّسُوْلُ الله“ نڪتو۔ اَمِيرُ المَومِنِين حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنْه روئڻهارڪو ٿي فرمايائون: اي خباب! قميص مٿي ڪريو! مان توهان جي ان پٺيءَ جي زيارت ڪندس۔ اها پٺي ڪيتري مبارڪ ۽ مقدّس آهي جيڪا محبّتِ رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڪري باھ ۾ ساڙي وئي آهي۔ (الطبقات لابن سعد،رقم۴۳،خباب بن الارت، ۳/۱۲۳ماخوذا)
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ٿورو سوچيو! صحابَه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضوَان