Isteqmat Kamyabi Ka Raaz Hai

Book Name:Isteqmat Kamyabi Ka Raaz Hai

ڪوشش ڪنديون رهون۔ اچو! استقامت جي تعريف ٻڌون ٿيون ته استقامت ڇاکي ٿو چئجي:

استقامت جي تعريف

   علامه شريف جُرجانيرَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: گناهن کان بچندي نيڪ عملن جي پابندي ڪرڻ کي استقامت چيو ويندو آهي۔ (التعريفات للجرجاني،باب الالف،تحت اللفظ :الاستقامة، ص۲۰)

استقامت ڪرامت کان وڌيڪ آهي

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! يقيناً استقامت جي تعريف ۽ ان جي اهميت کي ٻڌي اسان جي دل ۾ به استقامت حاصل ڪرڻ جي تمنا پيدا ٿي هوندي، ڇوته استقامت هڪ اهڙو درجو آهي جنهن جي ذريعي مقصد ۾ ڪاميابي نصيب ٿيندي آهي، جنهن ڪم ۾ استقامت ناهي هوندي اهو ڪم ڪڏهن به مڪمل ناهي ٿيندو، استقامت نيڪين کي حاصل ڪرڻ جو هڪ بهترين ذريعو آهي، جيڪا اسلامي ڀيڻ پنهنجي ڪم ۾ استقامت اختيار ناهي ڪندي ان جي ڪوشش ضايع ٿي ويندي آهي ۽ ان جي محنت جو ان کي اهو ڦل ناهي ملندو جنهن جي ان کي تمنا ۽ خواهش هوندي آهي۔ جيڪا اسلامي ڀيڻ استقامت کان محروم هوندي آهي اها ڪڏهن به پنهنجي موجوده مقام کان اڳتي وڌي ناهي سگهندي۔ مشهور چوڻي آهي: اَلْاِسْتِقَامَة فَوْقَ الڪرَامَة يعني استقامت ڪرامت کان وڌيڪ آهي۔

      حضرت اَبُوعلي جَوزجَانيرَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: اِستقامت اختيار ڪريو، ڪرامت جا طلب گار نه بڻجو، ڇوته توهان جو نفس ڪرامت جي طلب ۾ آهي جڏهن ته توهان جو ربّ توهان کان استقامت جو مطالبو ڪري ٿو۔ (رسالهٔ قشيريه، باب الاستقامة، ص۲۴۰)

استقامت حاصل ڪرڻ جا طريقا

   پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ڪيئي اسلامي ڀينرون اها شڪايت ڪنديون نظر اينديون آهن ته اسان عمل ته شروع ڪنديون آهيون پر ان ۾ استقامت حاصل ناهي ٿيندي، مثال طور ڪا اسلامي ڀيڻ نمازن جي پابندي تي استقامت