Isteqmat Kamyabi Ka Raaz Hai

Book Name:Isteqmat Kamyabi Ka Raaz Hai

دل مرا دُنیا پہ شَیْدَا ہوگیا                              اے مِرے  یہ کیا ہوگیا

کچھ مرے بچنے کی صُورت کیجئے                     اب تو جو ہونا تھا مولیٰ ہوگیا

(ذوق نعت،ص۳۵)

مدني ماحول کان وابسته ٿي وڃو

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! دُنيا جي محبت کان پيڇو ڇڏائڻ، فڪرِ آخرت جو ذهن بنائڻ ۽ نيڪين تي استقامت جي لاءِ سٺي ماحول جو هئڻ نهايت ضروري آهي۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه! دعوتِ اسلامي جو مدني ماحول ٻين ڪيئي گناهن سميت دنيا جي محبت دل مان ڪڍڻ ۽ نيڪين تي ثابت قدم رهڻ جو ذهن ڏيندو آهي، اوهان به هن مدني ماحول سان هر دم وابسته رهو، دعوت اسلامي جي هفتيوار سنّتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت جي عادت بڻايو، ۽ غورو فڪر ڪرڻ جي طريقن تي عمل ڪري پنهنجي دنيا و آخرت کي سنواريو۔

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿي، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])

  قناعت بابت ڪجھ مدني گل ۽ قناعت اپنائڻ جا طريقا

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اچو!  قناعت جي باري ۾ ڪجھ نڪتا ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿيون۔ پهريان 2 فرمانِ مُصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ملاحظه


 

 



[1]مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵