Isteqmat Kamyabi Ka Raaz Hai

Book Name:Isteqmat Kamyabi Ka Raaz Hai

حاصل ڪرڻ چاهي ٿي پر ڪجھ ڏينهن کان پوءِ سستي ٿي ويندي آهي۔ ڪا اسلامي ڀيڻ تلاوتِ قرآن تي استقامت حاصل ڪرڻ چاهي ٿي پر ڪجھ ڏينهن کان پوءِ پابندي نصيب ناهي ٿيندي۔ اچو! هنن ڪمن تي استقامت حاصل ڪرڻ جا طريقا ٻڌون ٿيون۔

(1) سچي نيت

    ڪنهن به نيڪ عمل تي استقامت جي لاءِ سڀ کان پهريان استقامت جي سچي نيت يعني دل ۾ استقامت حاصل ڪرڻ جو پختو ارادو هئڻ نهايت ضروري آهي جڏهن استقامت جي پڪي نيت هوندي ۽ ان لاءِ ڪوشش به ڪبي ته خدا پاڪ چاهيو ته اها عظيم دولت ضرور حاصل ٿيندي۔

  (2) بارگاھه الٰهي ۾ دعا

  هرهر استقامت جي دعا گهرڻ سان به استقامت جي بهترين دولت نصيب ٿي سگهي ٿي. تنهنڪري هرهر پنهنجي رب ڪريم جي حضور دعا ڪيو ۽ گڙگڙايو ته مالڪ ۽ موليٰ پنهنجي فضل سان نيڪ ڪمن تي استقامت عطا فرمائي ياد رکو! حديثِ پاڪ ۾ دعا مؤمن جو هٿيار قرار ڏنو ويو آهي تنهنڪري هن هٿيار کي استعمال ڪيو ۽ استقامت جي خيرات پنهنجي رب ڪريم کان هرهر پوري خلوص ۽ سچي نيت سان گهرو،

(3) ميانه روي اختيار ڪريون

     پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ڪنهن به مقصد ۾ استقامت حاصل ڪرڻ  لاءِ ضروري آهي ته جنهن عمل کي شروع ڪريو ان ۾ ابتداءً جلدي نه ڪريو بلڪ ان ۾ ميانه روي اختيار ڪريو، پوءِ آهسته آهسته ان ۾ اضافو ڪنديون وڃو، ڇوته جلدباز انسان تمام جلد ئي همت هاري ويهندو آهي، جنهن جي