Book Name:Isteqmat Kamyabi Ka Raaz Hai
پنهنجي دل ۾ دنيا کان بي رغبتي وڌائڻ، نيڪ عملن تي استقامت جو جذبو وڌائڻ ۽ پنهنجي دل ۾ فڪرِ آخرت جو جذبو اُجاگر ڪرڻ جي لاءِ ٻه(2) فرمانِ مُصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌو ۽ نَصيحت ۽ عبرت حاصل ڪريو، جيئن
ارشاد فرمايائون: جيڪو شخص هميشه دنيا جي فڪر ۾ مبتلا رهندو (۽ دِين جي پروا نه ڪندو) ته الله پاڪ ان جا سمورا ڪم پريشان ڪندو ۽ ان جي مُفلسي هميشه ان جي اڳيان رهندي ۽ ان کي دُنيا ايتري ئي ملندي جيتري ان جي تقدير ۾ لکيل آهي ۽ جنهن جي نِيت آخرت ڏانهن هوندي ته الله ڪريم ان جي دل جمعي لاءِ ان جا سمورا ڪم دُرُست ڪندو ۽ ان جي دل ۾ دنيا جي بي پروائي وجھندو ۽ دنيا ان وٽ خودبخود ايندي۔ (ابن ماجه، ڪتاب الزهد، باب الهم بالدنيا، ۴/۴۲۴، الحديث: ۴۱۰۵)
ارشاد فرمايائون: جنهن پنهنجي دنيا کان مَحَبَّت ڪئي، ان پنهنجي آخرت کي نُقصان پهچايو ۽ جنهن پنهنجي آخرت سان مَحَبَّت ڪئي ان پنهنجي دُنيا کي نُقصان پهچايو، پوءِ توهان فَنا ٿيڻ واري (دنيا) تي باقي رهڻ واري (آخرت) کي ترجيح ڏيو۔ (مسند امام احمد، مسند الڪوفيين، حديث ابي موسي الاشعري، ۷/۱۶۵، الحديث: ۱۹۷۱۷)
بيان ڪيل حديثِ پاڪ جي حوالي سان حڪيمُ الامت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: هن ف
رمان مبارڪ مان معلوم ٿيو ته دُنيا ۽ آخرت ٻنهي جي مَحَبَّت هڪ دل ۾ گڏ نٿي ٿي سگھي، دنيا آخرت جو ضِد آهي۔ امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: علم عقل ۽ ايمان جو سڀ کان گھٽ درجو اهو آهي ته انسان سمجھي وٺي ته دنيا فاني آهي ۽ آخرت باقي رهڻ واري، ان جو نتيجو هي آهي ته دُنيا ۾ رهي آخرت جي تياري ڪري، دنيا ۾ مشغول نه ٿي وڃي۔ (مرآۃ المناجيح،۷/۱۸)